اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اوڀر انڊونيشيا ۾ فلوريس جزيري ويجهو آيل شديد زلزلي جي لوڏن جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڇنڇر ڏينهن ايڪس تي جاري بيان ۾ صدر پاڪستان جي عوام طرفان زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو …
صدر آصف علي زرداري پاران اوڀر انڊونيشيا ۾ شديد زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اوڀر انڊونيشيا ۾ فلوريس جزيري ويجهو آيل شديد زلزلي جي لوڏن جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڇنڇر ڏينهن ايڪس تي جاري بيان ۾ صدر پاڪستان جي عوام طرفان زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڏک جي هن گهڙي ۾ انڊونيشيا جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هر ممڪن امداد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. صدر مملڪت زلزلي سبب زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي.










