صدر آصف علي زرداري پاران حافظ طاهر محمود اشرفي لاءِ تمغه امتياز لاءِ نامزدگي جي منظوري

اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سفارش تي پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ انٽرنيشنل تعظيم حرمين شريفين ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل حافظ محمد طاهر محمود اشرفي جي تمغه امتياز لاءِ نامزدگي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نامزدگي ۾ حافظ محمد طاهر محمود اشرفي جي اسلام، مسلم دنيا ۽ پاڪستان لاءِ خدمتن سان گڏوگڏ بين المذاهب هم آهنگي، مذهبي ڳالهين …

اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سفارش تي پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ انٽرنيشنل تعظيم حرمين شريفين ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل حافظ محمد طاهر محمود اشرفي جي تمغه امتياز لاءِ نامزدگي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نامزدگي ۾ حافظ محمد طاهر محمود اشرفي جي اسلام، مسلم دنيا ۽ پاڪستان لاءِ خدمتن سان گڏوگڏ بين المذاهب هم آهنگي، مذهبي ڳالهين ۽ عالمي امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس ڪوششن جو اعتراف ڪيو ويو آهي. پاڪستان علماءَ ڪائونسل موجب حافظ محمد طاهر محمود اشرفي جي مختلف مذهبي فرقن ۽ برادرين وچ ۾ امن، اتحاد ۽ افهام و تفهيم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي عالمي سطح تي به پذيرائي ملي آهي. ڪائونسل چيو ته 57 اسلامي ملڪن جي نمائندگي ڪندڙ اسلامي تعاون تنظيم ان کان اڳ حاف محمد طاهر محمود اشرفي کي امن ۽ هم آهنگي لاءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ گلوبل پيس ايوارڊ سان به نوازيو هو. پاڪستان علماءُ ڪائونسل نامزدگي تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٿورن جو اظهار ڪندي ان کي مذهبي هم آهنگي، قومي اتحاد ۽ امن لاءِ سندس مسلسل ڪوششن جو اعتراف قرار ڏنو، ڪائونسل چيو ته اهو اعزاز بين المذاهب افهام و تفهيم کي مضبوط بڻائڻ، مسلمان امت اندر اتحاد کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوششن کي وڌيڪ حوصلا افزائي ڪندو.