نئين دهلي- 15 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي ۾ پاڪستان جو 79 هون يوم آزادي روايتي جوش جذبي ۽ شاندار طريقي سان ملهايو ويو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارت ۾ پاڪستان جي ناظم الامور سعد احمد وڙائچ منعقد تقريب ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو، تقريب ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن جي ميمبرن ۽ سندن گهر ڀاتين شرڪت ڪئي. تقريب دوران صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف …
ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن قائم نه ٿو ٿي سگهي: سعد احمد وڙائچ
نئين دهلي- 15 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي ۾ پاڪستان جو 79 هون يوم آزادي روايتي جوش جذبي ۽ شاندار طريقي سان ملهايو ويو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارت ۾ پاڪستان جي ناظم الامور سعد احمد وڙائچ منعقد تقريب ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو، تقريب ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن جي ميمبرن ۽ سندن گهر ڀاتين شرڪت ڪئي. تقريب دوران صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جا پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا. ان موقعي تي ناظم الامور سعد احمد وڙائچ چيو ته حق جي ويڙهه پاڪستان جي خودمختياري ۽ عوام جي وقار جو تحفظ ۽ بقا لاءِ اسان جي پختي عزم جو ثبوت آهي. آزادي قدرت جو هڪ انمول تحفو آهي، نئين دهلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي اهو احساس وڌيڪ گَهرو ٿي وڃي ٿو. وطن جي حفاظت لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪندڙ عظيم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي قيام جو دارومدار ڄمون ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ۽ ڪشميري عوام جي خواهش موجب حل تي آهي. والاريل ڄمون ڪشمير جي آزادي لاءِ اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون. تقريب ۾ روايتي لباس پاتل ٻارڙن ملي نغما ۽ تقريرون پڻ ڪيون جن ۾ پاڪستان جي قيام لاءِ تاريخي جدوجهد کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.











