اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات جي اسمگلنگ خلاف ڪارروائين دوران ٻن عورتن سميت11 جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان 1 ڪروڙ 27 لک روپين کان وڌيڪ جي منشيات هٿ ڪري ورتي آهي. اي اين ايف ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب ڪارروائين ۾ ڪراچي ڪوريئر آفيس ۾ نيوزيلينڊ ويندڙ پارسل مان ڪپڙن ۾ جذب …
اي اين ايف جون ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪارروائيون، 2 عورتن سميت 11 جوابدار گرفتار
اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات جي اسمگلنگ خلاف ڪارروائين دوران ٻن عورتن سميت11 جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان 1 ڪروڙ 27 لک روپين کان وڌيڪ جي منشيات هٿ ڪري ورتي آهي. اي اين ايف ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب ڪارروائين ۾ ڪراچي ڪوريئر آفيس ۾ نيوزيلينڊ ويندڙ پارسل مان ڪپڙن ۾ جذب ڪيل 2.900 ڪلو گرام آئس هٿ آئي، جڏهن ته اسلام آباد ائير پورٽ تي جده ويندڙ عورت سميت ٻن جوابدارن جي پيٽ مان 200 گرام وزني ڪوڪين سان ڀريل 10 ڪيپسول هٿ ڪيا ويا. سنجاني ٽول پلازه ويجهو گاڏي مان 60 ڪلو گرام آفيم هٿ آئي ۽ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جي ٽي روڊ پشاور تي انسٽيٽيوٽ ويجهو موٽر سائيڪل تي سوار 2 جوابدارن وٽان 4.8 ڪلو گرام چرس هٿ ڪيو ويو. راوي ٽول پلازه لاهور ويجهو موٽر سائيڪل سوار ٻن جوابدارن جي قبضي مان 1.140 ڪلو گرام وزني 120 آئيس ۽ 635 گرام وزني 127 هيروئن سان ڀريل ڪيپسول هٿ ڪيا ويا. جوابدارن خلاف منشيات جي روڪٿام واري ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.











