حڪومت پاران تعميراتي شعبي جي ترقي لاءِ جامع ڊولپمينٽ پيڪيج تي غور

اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير احد خان چيمه جي صدارت هيٺ قومي تعميراتي شعبي ۾ اهم ريگوليٽري، آپريشنل ۽ مالياتي سڌارن جي جائزي بابت اجلاس منعقد ڪيو ويو. وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وفاقي سيڪريٽري هائوسنگ اينڊ ورڪس ڪيپٽن (ر) محمود سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. بيان مطابق حڪومت …

اسلام آباد- 15 آگسٽ (اي پي پي) اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير احد خان چيمه جي صدارت هيٺ قومي تعميراتي شعبي ۾ اهم ريگوليٽري، آپريشنل ۽ مالياتي سڌارن جي جائزي بابت اجلاس منعقد ڪيو ويو. وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وفاقي سيڪريٽري هائوسنگ اينڊ ورڪس ڪيپٽن (ر) محمود سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. بيان مطابق حڪومت صنعت جي مڪمل بحالي جي وسيع ويزن تحت تعميراتي صنعت لاءِ هڪ جامع ڊولپمينٽ پيڪيج تي غور ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ڪنسٽرڪشن انڊسٽري ڊولپمينٽ بورڊ (سي آءِ ڊي بي) جو قيام، مخصوص ڪنسٽرڪشن ڊولپمينٽ بينڪ (سي ڊي بي اي) جي فائدن جو جائزو، برآمدي ۽ درآمدي پاليسين کي معقول بڻائڻ ۽ تعميراتي شعبي لاءِ هدف ڪيل ٽيڪس سڌارا شامل آهن. اجلاس دوران وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سي آءِ ڊي بي 2 ڪردار ادا ڪندو جنهن ۾ تعميراتي شعبي جي گڏيل ترقي ۽ انڊسٽري جا معيار، ٺيڪيدارن ۽ ڪنسلٽنٽس جي نگراني شامل آهن. سرڪاري ۽ خانگي شعبن جي نمائندن تي مشتمل اهو بورڊ قومي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل پليٽفارم طور ڪم ڪندو. وفاقي وزير نشاندهي ڪئي ته ان اداري جي ضرورت تي وفاقي حڪومت ۽ ڪنسٽرڪشن ايسوسيئيشن آف پاڪستان وچ ۾ مڪمل اتفاق راءِ موجود آهي ۽ وفاقي حڪومت حتمي منظوري لاءِ هڪ فريم ورڪ باضابطا طور تي وزيراعظم کي پيش ڪندي. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته حڪومت سرڪاري ترقياتي منصوبن لاءِ معياري ڊفيڪٽ لائبلٽي پيريڊ ( ڊي ايل پي) جو مدو هڪ سال مان وڌائي ٽي سال ڪيو آهي، جڏهن ته مستقبل ۾ ان کي وڌيڪ پنجن سالن تائين وڌائڻ جو واضع روڊ ميپ پڻ موجود آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ان جو مدو وڌائڻ سان ٺيڪدار ۽ انتظامي ادارا اعلي معيار برقرار رکڻ ۽ وقت کان اڳ خرابين کي روڪڻ تي مجبور ٿيندا. وفاقي وزير احد چيمه ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت جو بنيادي ڌيان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته هر عوامي انفراسٽرڪچر جو منصوبو خرچ جي لحاظ کان اثرائتو ۽ انتهائي پائيدار آهي. هن چيو ته عوامي فنڊز قومي امانت آهي جن کي ناقص ڪارڪردگي يا غلط ٽيڪنيڪل ڊيزائن جي ڪري ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو.