سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيف اسڪائوٽ سنڌ جو حلف کڻي ورتو

ڪراچي- 15 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيف اسڪائوٽ سنڌ جو حلف کنيو آهي. صوبائي اسڪائوٽ ڪمشنر جسٽس (ر) حسن فيروز  سنڌ جي گورنر کان چيف اسڪائوٽ سنڌ جي عهدي جو حلف ورتو. چيف اسڪائوٽ سنڌ جي قسم کڻڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته اسڪائوٽنگ نوجوانن ۾ حب الوطني ،نظم ۽ ضبط ،خلق جي خدمت ۽ قومي ذميداري جو شعور اجاگر …

ڪراچي- 15 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيف اسڪائوٽ سنڌ جو حلف کنيو آهي. صوبائي اسڪائوٽ ڪمشنر جسٽس (ر) حسن فيروز  سنڌ جي گورنر کان چيف اسڪائوٽ سنڌ جي عهدي جو حلف ورتو. چيف اسڪائوٽ سنڌ جي قسم کڻڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته اسڪائوٽنگ نوجوانن ۾ حب الوطني ،نظم ۽ ضبط ،خلق جي خدمت ۽ قومي ذميداري جو شعور اجاگر ڪرڻ جو اهم وسيلو آهي،اسڪائوٽنگ کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ٻيهر هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته قومن جي حقيقي ترقي لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان گڏوگڏ مضبوط نظريي،نظم ۽ ضبط ،علم، مسلسل جدوجهد ۽ بهترين ڪردار به اڻٽر آهي. نوجوانن کي پاڪستان سان محبت، ملڪ جي خدمت ۽ ٻين جي مدد جو جذبو ڏيڻو پوندو. گورنر چيو ته ماضي ۾ اسڪائوٽس قومي تقريبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندا هئا ۽ مختلف شهرن ،صوبن ۽ ملڪن جي اسڪائوٽس سان رابطن ذريعي پاڪستان جي سفير جو ڪردار ادا ڪندا هئا. سيد محمد نهال هاشمي چيو ته وقت سان گڏ اسڪائوٽس ،گرلز گائيڊز ۽ نيشنل ڪيڊٽ ڪور جهڙيون تنظيمون اسان جي سماجي ۽ انتظامي زندگي کان پري ٿينديون ويون، اسان کي جائزو وٺڻو پوندو ته ائين ڇو ٿيو؟ هن چيو ته 2027ع جو پاڪستان اهڙو هجڻ گهرجي جتي هر اسڪول ۽ ڪاليج مان اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز نڪرن ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. تقريب ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري گورنر سنڌ ڊاڪٽر سيد سيف الرحمان ،ملٽري سيڪريٽري ليفٽيننٽ ڪرنل سڪندر ترين، پريس سيڪريٽري فيصل فاروقي ۽ ٻين شخصيتن به شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي سيد محمد نهال هاشمي ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو.