ڊسٽرڪٽ آرمڊ سروسز بورڊ لاڙڪاڻو پاران آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ تقريب منعقد

لاڙڪاڻو- 15 آگسٽ (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ آرمڊ سروسز بورڊ لاڙڪاڻو پاران پاڪستان جو 79 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ ڪمشنر آفيس ڀرسان قائم لاهوري اوور هيڊ پل هيٺان پروگرام ترتيب ڏنو ويو، جنهن ۾ آرمڊ سروسز بورڊ جي حاضر ۽ رٽائرڊ آفيسرن ۽ ملازمن توڙي عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ جشن آزدي جي خوشيءَ ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تقريب کي …

لاڙڪاڻو- 15 آگسٽ (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ آرمڊ سروسز بورڊ لاڙڪاڻو پاران پاڪستان جو 79 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ ڪمشنر آفيس ڀرسان قائم لاهوري اوور هيڊ پل هيٺان پروگرام ترتيب ڏنو ويو، جنهن ۾ آرمڊ سروسز بورڊ جي حاضر ۽ رٽائرڊ آفيسرن ۽ ملازمن توڙي عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ جشن آزدي جي خوشيءَ ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تقريب کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رٽائرڊ اسڪواڊرن ليڊر (DASB) لاڙڪاڻو جي منصف علي خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ لوڪل گورنمينٽ جي عملدارن جا شڪر گذار آهيون جن هي پروگرام منعقد ڪرڻ ۾ اسان سان تعاون ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي ۽ خاص نعمت آهي اسان کي هن نعمت جو قدر ڪرڻ گھرجي ۽ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڏينهن رات محنت پڻ ڪرڻ گھرجي ۽ ان سان گڏوگڏ اتحاد ۽ اتفاق جي جذبي سان هن ملڪ کي قائم رکڻو آهي. هن چيو ته اسان جي بزرگن جي قربانين جي نتيجي ۾ هڪ ملڪ آزاد ٿيو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح ۽ سندن ساٿين جي محنت، جدوجهد ۽ لکين ماڻهن جي جانين جي قربانين جي نتيجي ۾ هي ملڪ قائم ٿيو ۽ اسين هن وقت آزاد زندگي گذاري رهيا آهيون. ان سان گڏوگڏ اسان جو اهو فرض آهي ته اسان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪريون ۽ ڏينهن رات محنت ڪريون. هن وڌيڪ چيو ته اسان هن ملڪ جي حفاظت لاءِ پنهنجي جانين جا نظرانا ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين ۽ جيڪڏهن دشمن اسان جي ملڪ ڏانهن ميري اک سان ڏٺو ته اسين ڪڏهن به اهو برداشت نه ڪنداسين. ان موقعي تي رٽائرڊ ڪيپٽن طاهر حسين خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جو ڏينهن عيد کان گھٽ نه آهي ڇاڪاڻ ته اسان جي بزرگن قائد اعظم جي اڳواڻي ۾ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ هي ملڪ قائم ٿيو ۽ اڄ اسين آزاد هوا ۾ ساھ کڻي رهيا آهيون ۽ اسين اهو وچن ٿا ڪريون ته هن ملڪ جي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. ان موقعي تي صوبيدار ميجر راجا، نائب صوبيدار خادم حسين، نائب صوبيدار حاڪم علي، حوالدار انعام علي، محمد رمضان (ويلفيئر آفيسر)، سڌير احمد مشوري ۽ ٻيا آرمي ويلفيئر آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد جا نعرا پڻ لڳايا ويا.