آمريڪا ۾ مسڪيگي ڪائونٽي ۾ هڪ شخص 5 ماڻهن کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

واشنگٽن- 15 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي رياست مشي گن جي مسڪيگي ڪائونٽي ۾ 39 ساله شخص 5 ماڻهن کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پوليس ٻڌايو ته آفيسر مسڪيگي ڪائونٽي جي هڪ گهر ۾ فائرنگ جي اطلاع تي پهتا، جتي کين 3 ماڻهو مئل ۽ هڪ شديد زخمي حالت ۾ مليو. پوليس ٻڌايو ته شڪي ماڻهو چاڊ هڪ مين قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي …

واشنگٽن- 15 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي رياست مشي گن جي مسڪيگي ڪائونٽي ۾ 39 ساله شخص 5 ماڻهن کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پوليس ٻڌايو ته آفيسر مسڪيگي ڪائونٽي جي هڪ گهر ۾ فائرنگ جي اطلاع تي پهتا، جتي کين 3 ماڻهو مئل ۽ هڪ شديد زخمي حالت ۾ مليو. پوليس ٻڌايو ته شڪي ماڻهو چاڊ هڪ مين قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي پهچڻ کان اڳ ئي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي چڪو هو، جنهن بعد ان جي ڳولا لاءِ وڏي پيماني تي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. ڳولا دوران اهلڪارن کي هڪ ٻئي گهر مان چوٿين شخص جو لاش به مليو. پوليس مطابق هڪ مين جي گاڏي ڪالڊيول ٽائون شپ ۾ وٽلاگ ڍنڍ ويجهو ڏٺي وئي، جنهن بعد اهلڪارن ٻيلي مان هڪ مين ۽ هڪ ٻئي قتل ٿيل شخص جا لاش هٿ ڪيا. فوري طور تي ان واقعي جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو. اختيارين ٻڌايو ته واقعي جي جاچ جاري آهي.