بلغاريه کي آمريڪا کان 8 ايف-16 جنگي جهاز 2030ع ۾ ملڻ جو امڪان آهي: دفاع واري وزارت

صوفيه- 15 آگسٽ (اي پي پي) بلغاريه جي دفاع واري وزارت چيو آهي ته ملڪ جي فضائيه کي 2030ع ۾ آمريڪا کان 8 بلاڪ 70 ايف-16 جنگي جهاز ملڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق دفاع واري وزارت بيان ۾ ٻڌايو ته لاڪ هيڊ مارٽن اسان کي جهازن جي تياري جي عمل ۾ ڏکيائين کان آگاهه ڪيو آهي، جنهن سبب فراهمي ۾ دير ٿيندي ۽ اهي جهاز 2030ع جي …

صوفيه- 15 آگسٽ (اي پي پي) بلغاريه جي دفاع واري وزارت چيو آهي ته ملڪ جي فضائيه کي 2030ع ۾ آمريڪا کان 8 بلاڪ 70 ايف-16 جنگي جهاز ملڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق دفاع واري وزارت بيان ۾ ٻڌايو ته لاڪ هيڊ مارٽن اسان کي جهازن جي تياري جي عمل ۾ ڏکيائين کان آگاهه ڪيو آهي، جنهن سبب فراهمي ۾ دير ٿيندي ۽ اهي جهاز 2030ع جي ٻئين ٽه ماهي تائين فراهم ڪيا ويندا. اها حتمي تاريخ ناهي پر آمريڪي ڪمپني جهازن جي تياري تيز ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندي. ان کان اڳ بلغاريه جي فضائيه ٻڌايو هو ته نوان ايف-16 جنگي 2026ع جي آخري ڇهن مهينن يا 2027ع ۾ آپريشنل ڊيوٽي تي شامل ٿي ويندا. 8 جهازن جي ٻي کيپ به 2027ع تائين پهچڻ جي توقع هئي، ته جيئن بلغاريه هڪ مڪمل جنگي اسڪواڊ جوڙي سگهي.