ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان جي جشن آزادي جي ڏهاڙي تي سموري قوم کي مبارڪباد ڏيندي تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن، ڪارڪنن، مجاهدن ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.پنهنجي پيغام ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان اسان جو وطن، سڃاڻپ، اميد ۽ خوابن جي تعبير آهي. هي وطن شهيدن جي امانت، بزرگن جي قربانين جي نشاني ۽ ايندڙ نسل جي اميد آهي.هن چيو ته باباءِ قوم …
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران پاڪستان جي جشن آزادي جي ڏهاڙي تي سموري قوم کي مبارڪون

مزید خبریں
ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان جي جشن آزادي جي ڏهاڙي تي سموري قوم کي مبارڪباد ڏيندي تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن، ڪارڪنن، مجاهدن ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.پنهنجي پيغام ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان اسان جو وطن، سڃاڻپ، اميد ۽ خوابن جي تعبير آهي. هي وطن شهيدن جي امانت، بزرگن جي قربانين جي نشاني ۽ ايندڙ نسل جي اميد آهي.هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناحؒ جي قيادت ۾ اسان جي بزرگن ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڏيکاريو. پاڪستان پهريان خواب هو، پوءِ جدوجهد بڻيو ۽ قربانين سان حقيقت جو روپ اختيار ڪيو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آزاديءَ جي جدوجهد ۾ رت جو ريج ڏيندڙن ۽ وطن جي آزادي ۽ سلامتي لاءِ پنهنجا لختِ جگر قربان ڪندڙ مائرن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. اڄ اسان آزاد فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون ته ان آزادي پٺيان لکين قربانين جو لازوال داستان موجود آهي.هن چيو ته هاڻي اسان سڀني جي ذميواري آهي ته پاڪستان کي عظيم قوم جي منزل تائين پهچايون. الله تعاليٰ پاڪستان کي هميشه قائم ۽ دائم رکي، امن، استحڪام، خوشحالي ۽ سربلندي عطا فرمائي.











