ڪراچي -14 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاڪستان جي آزاديءَ جي ڏهاڙي تي سموري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو قيام بزرگن جي عظيم جدوجهد، قربانين ۽ قائداعظم محمد علي جناحؒ جي قيادت سان ممڪن ٿيو، سيد اويس قادر شاهه چيو ته آزادي هڪ عظيم نعمت آهي، پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، استحڪام ۽ سلامتي لاءِ سڀني کي متحد ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو …
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پاڪستان جي آزاديءَ جي ڏهاڙي تي سموري قوم کي مبارڪون

مزید خبریں
ڪراچي -14 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاڪستان جي آزاديءَ جي ڏهاڙي تي سموري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو قيام بزرگن جي عظيم جدوجهد، قربانين ۽ قائداعظم محمد علي جناحؒ جي قيادت سان ممڪن ٿيو، سيد اويس قادر شاهه چيو ته آزادي هڪ عظيم نعمت آهي، پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، استحڪام ۽ سلامتي لاءِ سڀني کي متحد ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.هن چيو ته آزاديءَ جو ڏهاڙو قومي اتحاد، ڀائيچاري ۽ جمهوري قدرن جي واڌاري جو پيغام ڏئي ٿو. پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر پاڪستاني کي پنهنجي ذميواري ڀرپور نموني ادا ڪرڻي پوندي.











