ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري ڪاشف گلزار شيخ، ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز ڊاڪٽر معيز الدين پيرزاده ۽ ٻين آفيسرن گڏجي جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي سنڌ اطلاعات کاتي جي صدر آفيس ۾ پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ جشنِ آزاديءَ جي مناسبت سان ڪيڪ ڪاٽيو ويو . آزاديءَ جي 79هين سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري ڪاشف گلزار شيخ پوري قوم …
جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي سنڌ اطلاعات کاتي جي صدر آفيس ۾ پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪايو ويو

مزید خبریں
ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري ڪاشف گلزار شيخ، ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز ڊاڪٽر معيز الدين پيرزاده ۽ ٻين آفيسرن گڏجي جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي سنڌ اطلاعات کاتي جي صدر آفيس ۾ پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ جشنِ آزاديءَ جي مناسبت سان ڪيڪ ڪاٽيو ويو . آزاديءَ جي 79هين سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري ڪاشف گلزار شيخ پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي. هن چيو ته وطنِ عزيز کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي وڏڙن اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون، آزادي هڪ نعمت آهي ۽ اسان کي الله تعالي جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جنهن اسان کي هڪ آزاد مملڪت سان نوازيو آهي. اسان کي باباءِ قوم جي اصولن "اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم” تي عمل پيرا ٿي ملڪ کي عالمي افق تي نمايان مقام ڏيارڻو آهي. ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز ڊاڪٽر معيز الدين پيرزاده چيو ته آزادي هڪ وڏي نعمت آهي جنهن جو ڪو نعم البدل ناهي ۽ آزاد معاشرو ئي ملڪ جي ترقيءَ جو ضامن آهي. تقريب ۾ مختلف سيڪشنن جا ڊائريڪٽرز، ڊپٽي ڊائريڪٽرز، انفارميشن آفيسرز، سيڪشن آفيسرن ۽ عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب لاءِ سنڌ اطلاعات کاتي جي آفيس کي خوبصورت سائين جهنڊين ۽ برقي روشنين سان سجايو ويو.











