ڄامشورو-14 آگسٽ (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ 14 آگسٽ تي جشن آزادي جي تقريب قومي جذبي سان منعقد ڪئي وئي. مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي قومي جهنڊو ڦڙڪائي سلامي ڏئي تقريب جو آغاز ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو ته ھي ڏينھن اسان جي وڏڙن جي ڏنل قربانين ۽ انھن قربانين ذريعي مليل ثمر کي ياد ڪرڻ جو ڏينھن آھي. آزاديءَ جھڙي ڪا نعمت ڪونھي، ھي …
مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ 14 آگسٽ تي جشن آزادي جي تقريب قومي جذبي سان منعقد

مزید خبریں
ڄامشورو-14 آگسٽ (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ 14 آگسٽ تي جشن آزادي جي تقريب قومي جذبي سان منعقد ڪئي وئي. مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي قومي جهنڊو ڦڙڪائي سلامي ڏئي تقريب جو آغاز ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو ته ھي ڏينھن اسان جي وڏڙن جي ڏنل قربانين ۽ انھن قربانين ذريعي مليل ثمر کي ياد ڪرڻ جو ڏينھن آھي. آزاديءَ جھڙي ڪا نعمت ڪونھي، ھي وطن دنيا جي نقشي تي سرخرو ٿي اڀريو آھي. اسان کي ايڪو ۽ ٻڌي قائم رکي پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو آھي. نوجوان ھن ملڪ جو سرمايو آھن. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي 14 ڏينھن تائين جاري رھندڙ جشن آزادي تقريبن ۽ ٽيلنٽ ھنٽ جي مقابلن جي فاتح شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورھايا. تقريري مقابلن، بحث مباحثي، سوالن جوابن، قومي گيتن، اسٽيج ڊرامي ۽ راندين جي مقابلن جي فاتح شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن کي ساراھيو ويو. ان کان اڳ مھراڻ يونيورسٽي پبلڪ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ جشن آزادي جي خوشي ۾ مٺائي ورهائي وئي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو، ڊين فئڪلٽئيز، استادن ۽ شاگردن هن ڏھاڙي جي مناسبت سان پنھنجي ياد جا ٻوٽا پوکيا.











