اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي)سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته اهم اسٽيڪ هولڊرز سان بامعنيٰ، صلاح مشوري، اثرائتي پاليسي سازي، عدالتي طريقيڪار ۾ بهتري ۽ انصاف تائين پهچ مضبوط بنائڻ لاءِ اڻٽر آهي، نئين عدالتي سال جي ترجيحن ۽ عملي طريقيڪار جي جوڙجڪ لاءِ بينچ، بار ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان مسلسل صلاح مشورا جاري رکيا ويندا. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ …
بار کان بامعنيٰ صلاح مشورو عدالتي نظام ۾ بهتريءَ لاءِ اڻٽر آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي)سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته اهم اسٽيڪ هولڊرز سان بامعنيٰ، صلاح مشوري، اثرائتي پاليسي سازي، عدالتي طريقيڪار ۾ بهتري ۽ انصاف تائين پهچ مضبوط بنائڻ لاءِ اڻٽر آهي، نئين عدالتي سال جي ترجيحن ۽ عملي طريقيڪار جي جوڙجڪ لاءِ بينچ، بار ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان مسلسل صلاح مشورا جاري رکيا ويندا. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي اها ڳالهه خميس ڏينهن نئين عدالتي سال جي شروعات کان اڳ سپريم ڪورٽ بار روم جي دؤري جي موقعي تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر هارون الرشيد، ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي ميمبرن، وڪيلن ۽ ايڊووڪيٽس آن رڪارڊ ڳالهائيندي چئي. چيف جسٽس بار جي ميمبرن کي سپريم ڪورٽ جي پبلڪ فيسيليٽيشن ذريعي دستاب آن لائن ڊجيٽل خدمتن بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻُڌايو ته انهن سهولتن جو مقصد عدالتي خدمتن کي وڌيڪ آسان، اثرائتو ۽ صارف دوست بڻائڻ آهي. بار کي سپريم ڪورٽ جي ڪيسن جي فڪسيشن پاليسي، ڪيسن جي ترجيح ۽ ٻُڌڻين جي شيڊولنگ جي اڳواڻ اصولن کان به آگاهه ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ بار جي ميمبرن سپريم ڪورٽ طرفان اختيار ڪيل جامع ۽ مشاورتي طريقيڪار کي ساراهيو ۽ نئين عدالتي سال جي منصوبا بندي ۾ بار کي شامل ڪرڻ جي قدمن جي تعريف ڪئي. بار جي ميمبرن ڪيسن جي فڪسيشن، ترجيح ۽ شيڊولنگ بابت مختلف تجويزون پڻ پيش ڪيون جن کي غور لاءِ نوٽ ڪيو ويو. نئون عدالتي سال 14 سيپٽمبر 2026ع کان شروع ٿيندو. سپريم ڪورٽ موجب بار سان مشاورت نئين عدالتي سال جي ترجيحن ۽ عملي طريقيڪار کي جوڙڻ جي وسيع تر ۽ اداره جاتي عمل جو حصو آهي.












