بدين جي ضلعي اسپورٽس آفيس ۽ سنڌ حڪومت جي اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ماتلي ۾ منعقد ڪيل جشن آزادي اسپورٽس فيسٽيول پڄاڻي تي پهتو

بدين- 13 آگسٽ (اي پي پي) بدين جي ضلعي اسپورٽس آفيس ۽ سنڌ حڪومت جي اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ماتلي ۾ منعقد ڪيل ٽن ڏينهن وارو بين الڪاليج جشن آزادي اسپورٽس فيسٽيول 2026ع ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو. اسپورٽس فيسٽيول 11 کان 13 آگسٽ 2026ع تائين جاري رهيو پُڄاڻي واري تقريب ۾ تعليم کاتي جي ريجنل ڊائريڪٽر محمد يوسف خان رحماني خاص …

بدين- 13 آگسٽ (اي پي پي) بدين جي ضلعي اسپورٽس آفيس ۽ سنڌ حڪومت جي اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ماتلي ۾ منعقد ڪيل ٽن ڏينهن وارو بين الڪاليج جشن آزادي اسپورٽس فيسٽيول 2026ع ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو. اسپورٽس فيسٽيول 11 کان 13 آگسٽ 2026ع تائين جاري رهيو پُڄاڻي واري تقريب ۾ تعليم کاتي جي ريجنل ڊائريڪٽر محمد يوسف خان رحماني خاص مهمان طور جڏهن ته گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ماتلي جي پرنسپال غزالا اڪبر راجپوت اعزازي مهان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ضلعي اسپورٽس آفيسر بدين انور علي روشن پڻ موجود هو. فيسٽيول دوران شاگردياڻين ٽيبل ٽينس، ٿرو بال، رسو ڇڪڻ ۽ شطرنج جي مقابلن ۾ ڀرپور حصو وٺندي بهترين راند، نظم ۽ ضبط، ٽيم ورڪ ۽ مقابلي جو جذبو ڏيکاريو پُڄاڻي واري تقريب دوران ڪامياب رانديگرن ۽ ٽيمن ۾ انعام، شيلڊون، ميڊلز ۽ روڪ انعام ورهايا ويا، جڏهن ته شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ فاتح ۽ رنر اپ رانديگرن کي پڻ روڪ انعام ڏنا ويا.