بدين- 13 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي ممتا پروگرام پاران ضلعي بدين جي ڊي ايڇ ڪيو سول اسپتال ۾ جشن آزادي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ممتا پروگرام جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر سيده رضوانه حنين شاهه، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي بدين اي طاهر لاشاري، بي آءِ ايس پي جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر غلام علي، ممتا پروگرام جي ڪلائنٽس ۽ عملي وڏي انگ …
سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي ممتا پروگرام پاران ضلعي بدين جي ڊي ايڇ ڪيو سول اسپتال ۾ جشن آزادي جي حوالي سان تقريب منعقد

مزید خبریں
بدين- 13 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي ممتا پروگرام پاران ضلعي بدين جي ڊي ايڇ ڪيو سول اسپتال ۾ جشن آزادي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ممتا پروگرام جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر سيده رضوانه حنين شاهه، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي بدين اي طاهر لاشاري، بي آءِ ايس پي جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر غلام علي، ممتا پروگرام جي ڪلائنٽس ۽ عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي ممتا پروگرام جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر سيده رضوانه حنين شاهه چيو ته آزاديءَ جو ڏينهن سڄي ملڪ ۾ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو وڃي ٿو ۽ اڄ اسان به پنهنجي قوم سان گڏجي آزاديءَ جو جشن ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته ممتا پروگرام ۾ رجسٽرڊ عورتن سان گڏ جشن آزادي ملهائڻ اسان جي ڪميونٽي سان مضبوط وابستگي ۽ عورتن جي خدمت واري عزم جو عڪاس آهي هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اسان جو فخر آهي ۽ ملڪ جي عورتن ۽ خاندانن جي خدمت ڪرڻ کي اسان پنهنجي ذميواري ۽ عبادت سمجهون ٿا. ان موقعي تي هن قومي ڏينهن جي جشن ۾ شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏيندي ممتا پروگرام پاران عورتن ۽ ٻارن جي ڀلائي لاءِ خدمتون جاري رکڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو تقريب دوران قومي جذبي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مقامي فنڪارا فضا شيدي قومي گيت پيش ڪيو، آخر ۾ پاڪستان جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعا پڻ گهري وئي.











