جشن عيد ميلاد نبي ﷺ انتهائي جوش جذبي ۽ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو، ان سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل آهن: ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي

بدين- 13 آگسٽ (اي پي پي) بدين جي ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي چيو آهي ته جشن عيد ميلاد نبي ﷺ انتهائي جوش جذبي ۽ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو، ان سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل آهن، جلوسن ۽ جلسن کي مُڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. اھڙن خيالن جو اظهار هُن دربار ھال ۾ ضلعي جي عالمن سان گڏجاڻي دوران ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر بدين چيو ته سيرت رسول ﷺ …

بدين- 13 آگسٽ (اي پي پي) بدين جي ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي چيو آهي ته جشن عيد ميلاد نبي ﷺ انتهائي جوش جذبي ۽ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو، ان سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل آهن، جلوسن ۽ جلسن کي مُڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. اھڙن خيالن جو اظهار هُن دربار ھال ۾ ضلعي جي عالمن سان گڏجاڻي دوران ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر بدين چيو ته سيرت رسول ﷺ اسان لاءِ هڪ بهترين نمونو آهي رسول ﷺ جي زندگي اسان سڀني لاءِ مشعل راہ آهي ربيع اول جي بابرقت مهيني ۾ اسان جي پياري پيغمبر حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي پيدائش ٿي جنهن سبب هي مهينو اسان سڀني لاءِ قابل احترام مهينو آهي، عالمن پاران ميونسپل ڪميٽي بدين ۽ حيسڪو خلاف شڪايتن تي ڊپٽي ڪمشنر بدين کين خاطري ڪرائيندي چيو ته انهن جا سمورا جائز مسئلا حل ڪيا ويندا. هن ميونسپل ڪميٽي بدين جي وائس چيئرمين علي اڪبر ميمڻ کي چيو ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪري شهرين کي رليف ڏنو وڃي، هن ميونسپل ڪميٽين ۽ ٽائون ڪميٽين کي هدايت ڪئي ته جلوسن جا روٽ رستا صاف ڪيا وڃن رستن تي بيٺل پاڻي فوري طور تي نيڪال ڪيو وڃي، شھرن جي مک چوراهن تي چراغان ڪيا وڃن، هن  صحت کاتي کي پڻ جشن عيد ميلاد نبي ﷺ جي موقعي تي الرٽ رهڻ جون هدايتون ڏيندي چيو ته ضلعي بدين ۾ 52 ايمبولينسون آهن دوائون پڻ وڏي مقدار ۾ موجود آهن، صحت جي سهولتن جي حوالي سان ڪابه شڪايت نه اچڻ گهرجي، ان موقعي تي ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي چيو ته سيڪيورٽي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، هن چيو ته جلسن جلوسن کي سيڪيورٽي ڏيڻ پوليس جو فرض آهي، ان فرض جي ادائگي سان گڏوگڏ اسان لاءِ عبادت پڻ آهي هن چيو ته امن امان کي خراب ڪرڻ لاءِ دشمن هر وقت تاڙ ۾ آهي ان لاءِ نظم ۽ ضبط لازمي آهي، هر شهري جو فرض آهي ته اهڙن شڪي ماڻهن تي نظر رکن. هن عالمن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پنهنجن جلسن ۽ جلوسن ۾ تقرير دوران ڪنهن جي به دل آزاري نه ڪئي وڃي، هن چيو ته محبت رسول ﷺ ايمان جو لازمي جز آهي، جلوس يا جلسو ننڍو هجي يا وڏو اسان وٽ ان جي اهميت برابر آهي، ان کي مڪمل سيڪيورٽي ڏني ويندي انهيءَ لاءِ پلان پڻ ٺاهي چڪا آهيون، هن عالمن کي هدايت ڪئي ته هو جشن ميلاد نبي ﷺ جي موقعي تي اسپيڪر ايڪٽ تي پابندي سان عمل ڪن  ۾ اسلحي جي نمائش تي مڪمل پابندي آهي ۽ سرڪار پاران جاري ڪيل ھدايتن تي پڻ سختي سان عمل ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اهي سمورا قدم توهان ۽ اسان سڀني جي حفاظت لاءِ آهن. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي، ڊي ايس آر 32 ونگ رينجرز سعيد، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن سرفراز سمون، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر وسيم عباس خواجه، ايگزيڪيوٽو انجنيئر حيسڪو وسيم احمد ڪورائي، سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.