راولپنڊي ۾ فورسز تي حملو پي ٽي آءِ جي اشتعال انگيز بيانيي ۽ مسلسل ناڪاري تربيت جو نتيجو آهي: طلال چوڌري

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته راولپنڊي جي مال روڊ تي سيڪيورٽي فورسز تي حملو ڪو هڪدم يا انفرادي عمل نه هو پر پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان سالن کان پکيڙيل نفرت، اشتعال انگيزي ۽ ادارن خلاف تربيت جو نتيجو آهي. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته گذريل ڏينهن مال روڊ راولپنڊي تي هڪ سياسي ڪارڪن سيڪيورٽي فورسز …

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته راولپنڊي جي مال روڊ تي سيڪيورٽي فورسز تي حملو ڪو هڪدم يا انفرادي عمل نه هو پر پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان سالن کان پکيڙيل نفرت، اشتعال انگيزي ۽ ادارن خلاف تربيت جو نتيجو آهي. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته گذريل ڏينهن مال روڊ راولپنڊي تي هڪ سياسي ڪارڪن سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪري کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي سيڪيورٽي فورسز سيلف ڊفينس ۾ جوابي فائرنگ ڪئي ۽ حملي آور مارجي ويو. طلال چوڌري پي ٽي آءِ جي ان موقف کي سختي سان رد ڪيو ته ڪارڪن جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو يا ان عمل سان پارٽي جو ڪو به تعلق ناهي. هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن سندس ذهني توازن خراب هو ته هن پنهنجي گهروارن، دوستن يا پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن تي حملو ڇو نه ڪيو؟ هن صرف انهي سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو جنهن خلاف پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ ان جي سوشل ميڊيا طرفان مسلسل زهر اوڳاڇيو ويندو آهي. هن چيو ته ڄاڻايل ڪارڪن جي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي اهڙيون ڪيتريون ئي جعلي وڊيوز ۽ پوسٽون موجود آهن جن ۾ هو ماسڪ پائي پوليس تي پٿراءَ، غليل هلائيندي ۽ حملا ڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هي ڪارڪن پي ٽي آءِ جي هر تحريڪ، جلسي ۽ ڪي پي هائوس اسلام آباد ۾ اڳواڻن سان گڏ گڏ رهيو ۽ هن وٽ پارٽي جو جهندو به موجود هو، ته هاڻي پارٽي قيادت ان کان آجي نٿي ٿي سگهي . مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته 9 مئي، 26 نومبر ۽ هاڻي راولپنڊي جو واقعو، اهي سڀ پي ٽي آءِ جي باني، سندس قيادت جون تقريرون ۽ پرڏيهه ۾ ويٺل يوٽيوبرز ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسرز طرفان نوجوانن جي ذهنن ۾ ڀريل نفرت جو نتيجو آهي. هن واضح ڪيو ته سيڪيورٽي فورسز جا جوان ڪنهن سياسي پارٽي جا ناهن پر سڄي پاڪستان جا سپاهي آهن جيڪي ملڪ ۾ امن امان لاءِ پنهنجي ڊيوٽي ڏئي رهيا هوندا آهن. طلال چوڌري واضح ڪيوته ان واقعي جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ جاري آهي ۽ سمورا ثبوت جلد سامهون آندا ويندا. رياست ۽ رياستي ادارا ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ يا ادارن تي حملن جي هرگز اجازت نه ڏيندا ۽ فساد ڪرڻ ۽ باهيون ڏيندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.