حيدرآباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي حڪمن تي عمل ڪندي ايس ڊي پي او قاسم آباد ڪاشف علي قادري جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي وڏي نفري قاسم آباد ۽ نسيم نگر جي مختلف علائقن ۾ ڪومبنگ آپريشن ڪيو. ڪومبنگ آپريشن ۾ ايس ايڇ او ٿاڻو قاسم آباد انسپيڪٽر سعيد چنا، انچارج نسيم نگر چيڪ پوسٽ انسپيڪٽر بينظير جمالي، انچارج …
ايس ايس پي حيدرآباد جي حڪمن تي پوليس ۽ سي ٽي ڊي پاران قاسم آباد ۽ نسيم نگر جي مختلف علائقن ۾ ڪومبنگ آپريشن

مزید خبریں
حيدرآباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي حڪمن تي عمل ڪندي ايس ڊي پي او قاسم آباد ڪاشف علي قادري جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي وڏي نفري قاسم آباد ۽ نسيم نگر جي مختلف علائقن ۾ ڪومبنگ آپريشن ڪيو. ڪومبنگ آپريشن ۾ ايس ايڇ او ٿاڻو قاسم آباد انسپيڪٽر سعيد چنا، انچارج نسيم نگر چيڪ پوسٽ انسپيڪٽر بينظير جمالي، انچارج اي ٽي ايف حيدرآباد سب انسپيڪٽر صدام حسين، انچارج آر آر ايف قاسم آباد اي ايس آءِ سردار زرداري سميت پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي وڏي نفري شرڪت ڪئي.
ڪومبنگ آپريشن دوران ٿاڻو قاسم آباد علي پليس ۽ چيڪ پوسٽ نسيم نگر جي حدن ۾ قائم هاسٽلن، هوٽلن ۽ چانهه جي ڪيفيز سميت مختلف هنڌن جي چڪاس ڪئي وئي، جڏهن ته ڪيترن ئي شڪي ماڻهن جي تلاش ايپ ذريعي به جاچ پڙتال ڪئي وئي. پوليس ترجمان موجب ڪومبنگ آپريشن جو مقصد شهر ۾ سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ اثرائتو ۽ مضبوط بڻائڻ، ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ آهي.











