لاهور _12 آگسٽ (اي پي پي ) پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي . پي ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق چناب دريا ، جهلم ، راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول واري سطح تي آهي جڏهن ته ڊيرا غازي خان جي رودڪيون ۾ پاڻي جو وهڪرو بهمعمول تي آهي . سندو دريا ۾ ڪالا باغ ڊيم وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي جڏهن …
پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي :پي ڊي ايم اي

مزید خبریں
لاهور _12 آگسٽ (اي پي پي ) پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي . پي ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق چناب دريا ، جهلم ، راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول واري سطح تي آهي جڏهن ته ڊيرا غازي خان جي رودڪيون ۾ پاڻي جو وهڪرو بهمعمول تي آهي . سندو دريا ۾ ڪالا باغ ڊيم وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي جڏهن ته ڪالا باغ ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 88 هزار ۽ وهڪرو 2 لک 80 هزار ڪيوسڪ آهي . ترجمان مطابق راولپنڊي ۾ شديد برسات سبب ناله لئي ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي . ناله لئي ۾ گوالمنڊي ۽ ڪٽاريان وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال آهي. نارووال جي ناله بسنتر ، ۽ بئين شڪر ڳڙهه ۾ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي . ترجمان مطابق تربيلا ڊيم 100 سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم 66 سيڪڙو ڀرجي ويو آهي . ڊي جي پي ڊي ايم اي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته خراب موسم ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تبديرون اختيار ڪن . ندين ۽ نالن طرف سير ۽ تفريح کان پاسو ڪن ۽ ٻارن کي دريائن ۽ ندين ۽ نالن ۾ هرگز نه وهنجارين.











