لاڙڪاڻو – 12 آگسٽ(اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو طرفان پاڪستان جي 79هين جشنِ آزادي جي سلسلي ۾ هڪ شاندار تقريب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ يونيورسٽي ۽ ڪاليج جي انتظاميا، استادن، شاگردن، ملازمن، شھر جي معزز شخصيتن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مھمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب جي شروعات قومي تراني سان ٿي .تقريب ۾ پروفيسر شاهد حسين سومرو، …
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ 79هين جشنِ آزادي جي شاندار تقريب

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 12 آگسٽ(اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو طرفان پاڪستان جي 79هين جشنِ آزادي جي سلسلي ۾ هڪ شاندار تقريب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ يونيورسٽي ۽ ڪاليج جي انتظاميا، استادن، شاگردن، ملازمن، شھر جي معزز شخصيتن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مھمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب جي شروعات قومي تراني سان ٿي .تقريب ۾ پروفيسر شاهد حسين سومرو، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پاران مھمانن کي آجياڻو پيش ڪيو ويو. ان کانپوءِ شاگردن پاران ملي نغما پيش ڪيا ويا، جڏهن ته ”سوئيٽ هوم“جي ٻارڙن پاران خوبصورت پرفارمنس پڻ پيش ڪئي وئي.ان سان گڏوگڏ اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريھيبليٽيشن جي ٻن نور کان محروم شاگردن انيس رحمان ۽ بسمه سومرو ملي نغما پيش ڪيا. جنهن تي ھال ۾ موجود حاضرين کين اٿي بيھي دادا ڏنو، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه، پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان اسان لاءِ هڪ عظيم نعمت آهي، ھن چيو ته پاڪستان ٺاھڻ لاءِ تڏھن جي سنڌ اسيمبليءَ ٺهراءُ پاس ڪيو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي پھريون آئين ڏنو ۽ شهيد بينظير ڀٽو ھن ملڪ جي جهموريت کي بچائڻ لاءِ پنھنجي رت جو ريج ڏنو، ھن چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج شھيد ڀٽو جو ڏنل تحفو آهي ۽ يونيورسٽي شهيد بينظير ڀٽو جو خواب ھيو، اسان جي اھا خوشقسمتي آهي ته يونيورسٽي جي 99 سيڪڙو فيڪلٽي ھتان جي پڙھيل آھي. چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري پنھنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جي آزادي عظيم قربانين جو نتيجو آهي ۽ ھن شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو ته ملڪ جون واڳون جلد نئين نسل جي حوالي ھونديون، لاڙڪاڻو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر نيڪ محمد شيخ چيو ته اڄوڪو ڏينھن اسان کي اتحاد، ڀائيچاري ۽ قومي يڪجھتي جو پيغام ڏئي ٿو. تقريب دوران جشنِ آزادي جي خوشي ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو ۽ سمورن شاگردن جن پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو سڀني کي يونيورسٽي ۽ اعجاز احمد لغاري طرفان گڏيل طور ھر ھڪ کي 10-10 ھزار روڪ انعام ڏنا ويا. تقريب ۾ ڊين پروفيسر ڊاڪٽر شاھدہ مگسي، پروفيسر حاڪم علي ابڙو، پرنسپال ڊينٽل ڪاليج پروفيسر قائم الدين شيخ، پرنسپال ميڊيڪل ٽيڪنالاجي ڪاليج پروفيسر علي حيدر بلوچ، ڊائريڪٽر فزيو ٿراپي ڊاڪٽر مڪيش ڪمار، پرنسپال نرسنگ ڪاليج نظير احمد ٻرڙو، پروفيسر شبنم ناز، پرنسپال نرسنگ اسڪول ڊاڪٽر سڪينه گاد، سميت سموري فيڪلٽي، آفيسرن ۽ شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي. تقريب جي آخر ۾ خصوصي ميوزيڪل پروگرام پڻ پيش ڪيو جنھن مان شاگرد ڀرپور لطف اندوز ٿيا.











