چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ برساتن جو سلسلو جاري ، سياحتي هنڌ بند، بس سروس معطل

بيجنگ _12 آگسٽ (اي پي پي) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ شديد برساتن جو سلسلو جاري رهڻ سبب سياحتي هنڌ بند ڪيا ويا آهن .جڏهن ته بس سروس معطل ڪئي وئي آهي . تعميراتي ڪم روڪيو ويو ۽ ٻوڏ جي خطري وارن علائقن کان شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اختيارين ٻڌايو ته شهر ۾ 151 سياحتي هنڌن ۽ 157 ڪيمپنگ …

بيجنگ _12 آگسٽ (اي پي پي) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ شديد برساتن جو سلسلو جاري رهڻ سبب سياحتي هنڌ بند ڪيا ويا آهن .جڏهن ته بس سروس معطل ڪئي وئي آهي . تعميراتي ڪم روڪيو ويو ۽ ٻوڏ جي خطري وارن علائقن کان شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اختيارين ٻڌايو ته شهر ۾ 151 سياحتي هنڌن ۽ 157 ڪيمپنگ سائيٽس بند ڪيون ويون آهن جڏهن ته 4،100 کان وڌيڪ ٻهراڙي هوم سٽي به عارضي طورتي بند رهيا . مجموعي طورتي 250 بس روٽس معطل ڪيا ويا جڏهن ته 10 ڪلوميٽرن وارين لائنين تي ٽرينن کي گهٽ رفتار سان هلائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سمورين سياحتي ٻيڙين جي سروس بند ڪئي وئي آهي . اڱارو منجهد کان اربع تي صبح جو 8 وڳي تائين بيجنگ ۾ 23.5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي . سڀ کان وڌيڪ برسات ميونگ ۾ ٿي ، جتي 199.6 ملي ميٽر برسات رڪارد ڪئي وئي . اختيارين  مطابق گذريل 6 وڳي تائين جابلو ڳوٺن ، ٻوڏ وارن علائقن ۽ زميني ڇپون ڪرڻ سبب ٻين علائقن جي رهائشين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي . موسميات کاتي مطابق ملڪ جي وسيع علائقن ۾ خميس جي صبح تائين برسات جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي.