حيدرآباد پوليس ۽ پاڪستان رينجرز جو مختلف هنڌن تي گڏيل ڪومبنگ آپريشن

حيدرآباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي حڪمن تي ايس ڊي پي او مارڪيٽ محمد رئيس خانزاده ۽ ايس ڊي پي او هالي روڊ شفيق انور جي سربراهيءَ ۾ حيدرآباد پوليس ۽ پاڪستان رينجرز جي آفيسرن ۽ جوانن پاران ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۽ حسين آباد ٿاڻي جي حدن ۾ گڏيل ڪومبنگ آپريشن ڪيو ويو. گڏيل ڪومبنگ آپريشن ۾ ايس ايڇ او …

حيدرآباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي حڪمن تي ايس ڊي پي او مارڪيٽ محمد رئيس خانزاده ۽ ايس ڊي پي او هالي روڊ شفيق انور جي سربراهيءَ ۾ حيدرآباد پوليس ۽ پاڪستان رينجرز جي آفيسرن ۽ جوانن پاران ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۽ حسين آباد ٿاڻي جي حدن ۾ گڏيل ڪومبنگ آپريشن ڪيو ويو. گڏيل ڪومبنگ آپريشن ۾ ايس ايڇ او سٽي طاهر مغل، ايس ايڇ او فورٽ سيد فيض علي شاهه، انچارج آر آر ايف گدا حسين، انچارج آر آر ايف سٽي، انچارج آر آر ايف لطيف آباد، انچارج آءِ ٽي ۽ ليڊيز پوليس سميت پاڪستان رينجرز جي آفيسرن ۽ جوانن شرڪت ڪئي. آپريشن دوران ريلوي اسٽيشن سان لاڳاپيل علائقن ۾ قائم هوٽلن جي تلاشي ورتي وئي، جڏهن ته شڪي ماڻهن جي ڳولا لاءِ ڊوائيس ذريعي جانچ پڙتال ۽ سڃاڻپ جو عمل پڻ مڪمل ڪيو ويو. بعد ۾ پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن حسين آباد ٿاڻي جي حدن ۾ قائم گيسٽ هائوسز جي پڻ تلاشي ورتي ۽ اتي موجود ماڻهن جي مڪمل جانچ پڙتال ڪئي وئي. گڏيل آپريشن دوران هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز جا رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيا ويا، جڏهن ته انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي ته ڪنهن به قسم جي شڪي سرگرمي بابت فوري طور لاڳاپيل پوليس کي اطلاع ڏنو وڃي ۽ ڪنهن به غير لاڳاپيل شخص کي قانون جي ابتڙ رهائش فراهم نه ڪئي وڃي. گڏيل ڪومبنگ آپريشن جو مقصد ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ، سيڪيورٽي نگراني کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ ڏوهاري توڙي شڪي عنصرن جي سرگرمين کي روڪڻ آهي. ترجمان موجب حيدرآباد پوليس ۽ پاڪستان رينجرز پاران ڏوهاري عنصرن خلاف گڏيل ڪاررواين جو سلسلو وڌيڪ اثرائتي نموني جاري رکيو ويندو، ته جيئن ڪنهن به شرپسند يا ڏوهاري عنصر کي پنهنجن ناپاڪ ارادن جي تڪميل جو موقعو نه ملي سگهي.

مزید خبریں