نوشهروفيروز ۾ هالاڻي پوليس جو ڌاڙيلن سان مبينه مقابلو

نوشهروفيروز- 11 آگسٽ (اي پي پي) هالاڻي پوليس جو ڌاڙيلن سان مبينه مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. تفصيل موجب هالاڻي ٿاڻي جي حد ۾ محبت ديرو لنڪ روڊ تي پوليس ۽ مبينه ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ مبينه ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ان جا ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب …

نوشهروفيروز- 11 آگسٽ (اي پي پي) هالاڻي پوليس جو ڌاڙيلن سان مبينه مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. تفصيل موجب هالاڻي ٿاڻي جي حد ۾ محبت ديرو لنڪ روڊ تي پوليس ۽ مبينه ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ مبينه ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ان جا ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس مطابق مقابلي کانپوءِ زخمي حالت ۾ گرفتار ڌاڙيل جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهي. گرفتار ڌاڙيل جي سڃاڻپ پڊعيدن جي رهواسي خادم حسين خاصخيلي جي نالي سان ٿي آهي. پوليس زخمي ڌاڙيل کي شروعاتي طبي امداد لاءِ رورل هيلٿ سينٽر هالاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او هالاڻي رحمت الله سولنگي مطابق گرفتار ڌاڙيل جو تعلق مبينه طور تي ڏوهارين سان آهي ۽ ان خلاف ضلعي نوشهروفيروز جي مختلف ٿاڻن ۾ ڪيترائي ڪيس داخل آهن. پوليس مطابق مقابلي دوران فرار ٿيل ٻين مبينه ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ پوليس پارٽي رواني ڪئي وئي آهي ۽ علائقي ۾ ڳولا جو عمل جاري آهي. 

مزید خبریں