لاهور- 11 آگسٽ (اي پي پي) پي ڊي ايم اي چيو آهي ته پنجاب جي درياهن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي. چناب، جهلم، راوي ۽ ستلج درياهه ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل سطح تي آهي. پي ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق ڊيره غازي خان جي کوهن ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل آهي، جڏهن ته سنڌو درياهه ۾ ڪالاباغ وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. ڪالا باغ ۾ …
پنجاب جي درياهن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي: پي ڊي ايم اي

مزید خبریں
لاهور- 11 آگسٽ (اي پي پي) پي ڊي ايم اي چيو آهي ته پنجاب جي درياهن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي. چناب، جهلم، راوي ۽ ستلج درياهه ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل سطح تي آهي. پي ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق ڊيره غازي خان جي کوهن ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل آهي، جڏهن ته سنڌو درياهه ۾ ڪالاباغ وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. ڪالا باغ ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 86 هزار ۽ ڇوڙ 78 هزار ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم 100 سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم 65 سيڪڙو ڀرجي چڪو آهي، جڏهن ته ٿين ڊيم 50 سيڪڙو، پونگ ڊيم 47 سيڪڙو ۽ ڀاڪڙا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 4 سيڪڙو آهي. ڊي جي، پي ڊي ايم اي محمد سيف انورجچه شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته موسم ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تدبيون اختيار ڪن. درياهن، ڍنڍن ۽ ندي نالن جي پاسي تفريح کان پاسو ڪن، ٻارن جو خيال رکن ۽ کين درياهن ۽ ندين ۾ هرگز نه ونهجارين.











