پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ مضبوط لاڳاپا آهن: اورنگزيب خان کچي

اسلام آباد - 10 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي، ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دوستي جبل کان بلند، سمنڊن کان اونهي ۽ ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي رابطا ۽ ثقافتي مٽاسٽا ان پراڻي دوستي جو حقيقي بنياد آهي. هو سومر تي آثار قديمه ۽ عجائب گهر اسلام آباد ۾ ”دي لينگويج …

اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي، ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دوستي جبل کان بلند، سمنڊن کان اونهي ۽ ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي رابطا ۽ ثقافتي مٽاسٽا ان پراڻي دوستي جو حقيقي بنياد آهي. هو سومر تي آثار قديمه ۽ عجائب گهر اسلام آباد ۾ ”دي لينگويج آف دي ايسٽرن سلڪ روڊ برجنگ چائنا اينڊ پاڪستان، سلييبريٽنگ شيئرڊ ڪلچرل اسپلنڊر“ تحت چيني ٻولي ۽ چيني ثقافت جي ترجباتي ڪورس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ مضبوط لاڳاپا موجود آهن، جڏهن ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري تحت تعاون پڻ جاري آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ سڌي ريت رابطا ۽ ثقافتي مٽاسٽا گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته ٻولي ڪنهن به قوم جي قومي سڃاڻپ ۽ ثقافت کي سمجهڻ جو دروازو آهي. چيني ٻولي ۽ ثقافت جو اهو پروگرام پاڪستان ۽ چين جي نوجوانن وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا لاءِ هڪ ڊگهي مدي جو پليٽ فارم فراهم ڪندو. هن چيو ته پروگرام ذريعي شرڪت ڪندڙن چيني ٻولي جي بنيادي اکرن، تعارف ۽ انگ اکرن ۽ روزاني زندگي ۾ ڳالهائجندڙ جملا سکندا. هن چيو ته هي پروگرام صرف ٻولي سکڻ تائين محدود ناهي پر چيني خطاطي، روائتي ڏهاڙن ۽ کاڌن سميت چيني ثقافت جي مختلف رخن کان روشناس ڪرائڻ جو به موقعو فراهم ڪندو. هن چيو ته ثقافت دلين کي جوڙي ٿي ۽ اهڙا قدم گڏيل احترام، سوچ ويچار ۽ پائيدار دوستن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. وفاقي وزير پروگرام ڪوٺائڻ تي چيني سفارتخاني، آثار قديمه ۽ عجائب گهر واري وزارت ۽ چيني ۽ پاڪستاني استادن ۽ انتظاميه جي ڪوششن کي به ساراهيو. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو هن منفرد موقعي مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ ٻولي ۽ ثقافت جا سفير بڻجي پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. تقريب کي خطاب ڪندي چين جي سفارتخاني جي ڪلچرل قائونصلر مسٽر چن پينگ چيو ته پاڪستان ۽چين جبلن ۽ درياهن سان جڙيل ويجها پاڙيسري ملڪ آهن، ٻنهي ملڪن جي دوستي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي. هن چيو ته اقتصادي ۽ واپاري تعاون سان گڏوگڏ ثقافت گڏيل سکڻ جو عمل به پاڪ چين دوستي کي پائيدار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. چن پينگ چيو ته پاڪستان جو گنڌارا ورثو ۽ چين جي دون هوانگ جي غار موگا قديم شاهه ريشم ذريعي تهذيبن جي گڏيل رابطي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جو شاندار مثال آهن.

مزید خبریں