پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جو دفاعي سان خطي کي وڌيڪ محفوظ بڻائيندو: راڻا تنوير حسين

اسلام آباد - 10 آگسٽ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين مڪه شريف ۾ گڏيل دفاعي معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جو دفاعي ساٿ خطي کي وڌيڪ محفوظ بڻائيندو. وزارت مان جاري بيان موجب راڻا تنوير حسين چيو ته ٽنهي ڀائر ملڪن جو هڪ بئي سان گڏ بيهڻ ساراهه جوڳو عمل آهي، پاڪستان، سعودي عرب …

اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين مڪه شريف ۾ گڏيل دفاعي معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جو دفاعي ساٿ خطي کي وڌيڪ محفوظ بڻائيندو. وزارت مان جاري بيان موجب راڻا تنوير حسين چيو ته ٽنهي ڀائر ملڪن جو هڪ بئي سان گڏ بيهڻ ساراهه جوڳو عمل آهي، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه گڏجي امن لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته گڏيل دفاعي تعاون سان ٽنهي ملڪن جي تياري ۽ صلاحيت وڌيڪ بهتر ٿيندي، وفاقي وزير چيو ته مڪه معاهدو گڏيل اعتماد کي عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جو اهم موقعو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪن سان امن ۽ سلامتي لاءِ هميشه گڏ رهندو.

مزید خبریں