اسلام آباد - 10 آگسٽ (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناء الله ۽ ڪشمير گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته آزاد ڪشمير جو عوام چونڊ عمل ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪيو آهي. مسلم ليگ (ن) تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. مسلم ليگ (ن) کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ملي رهي آهي. چونڊ …
آزاد ڪشمير جو عوام چونڊ عمل ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪيو آهي: راڻا ثناء الله / انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناء الله ۽ ڪشمير گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته آزاد ڪشمير جو عوام چونڊ عمل ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪيو آهي. مسلم ليگ (ن) تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. مسلم ليگ (ن) کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ملي رهي آهي. چونڊ مرحلو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ حڪومت سازي جو عمل شروع ٿيندو. جنهن کان پوءِ آزاد ڪشمير ۾ تعمير ۽ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو. پيپلز پارٽي پاران ڌانڌلي جي الزامن جا ڪي به ٺوس ثبوت سامهون ناهن آيا. باغ ۽ حويلي ۾ چونڊون پرامن انداز ۾ جاري آهن. ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي معمولي نوعيت جي واقعن باوجود سيڪيورٽي اهلڪارن فوري ڪارروائي ڪندي چونڊ عمل کي بحال ڪرايو. راولا ڪوٽ ۽ سڌنوتي ۾ ڌرڻن سبب انهن تڪن ۾ ننڍيون چونڊون ٿينديون، سياسي پارٽين کي پنهنجي خامين ۽ ڪمزورين کي ختم ڪرڻ گهرجي. سومر ڏينهن آزاد ڄمون ڪشمير ڪائونسل اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي ڪندي وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناالله چيو ته آزاد ڪشمير ۽ وفاقي حڪومت مناسب سمجهيو ته ڌرڻو هڻندڙن کي وقت ڏنو وڃي، ڌرڻي وارن کي گهرجي ته احتجاج ختم ڪن ته جيئن باقي سيٽن تي به چونڊ عمل مڪمل ٿي سگهي. چونڊيل حڪومت جائز مطالبن تي عمل ۽ جمهوري انداز ۾ معاملا حل ڪندي. هن چيو ته جن ڌرين هٿيار کنيا ۽ آزاد ڪشمير جي عوام کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي انهن کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو، دشمن جي هٿن ۾ کيڏندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو. هن الزام لڳايو ته مبينه طور پيپلز پارٽي جو اميدوار ضيا قمر پولنگ عمل روڪڻ ۾ ملوث هو. هن ٻڌايو ته ناره ڪوٽ ۾ هڪ شخص کي دل جو دورو پيو جنهن سبب هو فوت ٿي ويو، ان کان علاوه ڪو به وڏو واقعو رپورٽ نه ٿيو ۽ فورسز پنهنجون ذميواريون بهترين انداز ۾ انجام ڏنيون. وزيراعظم جي صلاحڪار الزام لڳايو ته پيپلز پارٽي اڄ به ڌانڌلي جي ڪوشش جاري رکي آهي. ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڌانڌلي جو گوڙ شروع ڪيو ويو. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به جاءِ تي ڌانڌلي جا ثبوت نه ڏئي سگهي، جتي سندن اميدوار کٽي وڃن اتي سڀ ٺيڪ آهي چيو پيو وڃي جڏهن ته ٻي اميدوار جي ڪامياب ٿيڻ تي ڌانڌلي جو الزام لڳايو پيو وڃي. هن چيو ته شيري رحمان به آهستي آهستي ڌانڌلي جي بيانئي کي اڳتي وڌائي رهي آهي. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري به چيو آهي ته سندس ايم ايل اي کي فائرنگ سان زخمي ڪيو ويو، ميڊيا کي اهو پڇڻ گهرجي ها ته جنهن ڪارڪن جي فوت ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي ان جي ايف آءِ آر ڪٿي آهي. هن چيو ته جنهن تڪ مان ڌانڌلي جو گوڙ ڪيو پئي ويو اتان پيپلز پارٽي جو اميدوار 1200 ووٽن سان ڪامياب ٿيو. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ برادري سسٽم تمام مضبوط آهي، ان ڪري ڪجهه علائقن ۾ وڌيڪ پولنگ ٿي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چوڌري ياسين شڪايت ڪري رهيو هو ته مخالف اميدوار جا 80 سيڪڙو ووٽ ڪاسٽ ٿيا جڏهن ته چوڌري ياسين جي پنهنجي تڪ ۾ 96 سيڪڙو پولنگ جا ثبوت موجود آهن. هن مرحليوار چونڊن تي پيپلز پارٽي جي اعتراضن کي رد ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سڀني سياسي پارٽين سان مشاورت ڪئي هئي ۽ پيپلز پارٽي به مرحليوار چونڊن تي متفق هئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام مسلم ليگ (ن) تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، پيپلز پارٽي صبح سان ئي ڌانڌلي جو راڳ آلاپي رهي آهي، عوام ان جي واعدن ۽ ڪارڪردگي تي يقين نه ڪيو. کيس پنهنجي خامين ۽ ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير آزاد ڪشمير جي عوام جو پنهنجي پارٽي طرفان شڪريو ادا ڪندي چيو ته ڪشميري عوام مسلم ليگ (ن) تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته هتي اها ئي ڳالهه ٿي آهي ته چور مچائي شور صبح 9 وڳي کان پيپلز پارٽي پاران ڌانڌلين جو چيو پئي ويو. حويلي جو جلسو سڀني ڏٺو، چونڊن کان اڳ جلسي مان اندازو لڳائي سگهجي پيو ته ماڻهو ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن. هن چيو ته اهو به چيو پئي ويو ته پنجاب مان پوليس آئي آهي، مون کي ان ڳالهه جي سمجهه نه آئي. پيپلز پارٽي به پنهنجي ماڻهن کي سنڌ ۽ ٻين علائقن مان گهرايو آهي، اڄ به پيپلز پارٽي هارائيندي، هن اميد ظاهر ڪئي ته انشاء الله چونڊ عمل جي هن مرحلي ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي. ڌرڻا ڏيندڙن کي مخاطب ٿيندي انجنيئر امير مقام چيو ته سندن عيوض اتي جا نمائندا اسيمبلي کان ٻاهر آهن، اسان ٻيهر ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ملڪي مفاد ۾ سڀئي هڪ ئي ٻيڙي جا سوار آهيون.










