بلوچستان جي سرزمين حب الوطني، قرباني ۽ پاڪستان سان لازوال محبت جي گواهه آهي: بلوچستان جو وڏو وزير

ڪوئيٽا- 10 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان جي سرزمين هميشه حب الوطني، قرباني ۽ پاڪستان سان پختي محبت جي گواهه رهي آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته يوم آزادي جي سلسلي ۾ پيش ڪيل خوبصورت نغمو خراجِ تحسين بلوچستان جي عوام جي حقيقي جذبي حب الوطني جي عڪاسي ڪري ٿو. …

ڪوئيٽا- 10 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان جي سرزمين هميشه حب الوطني، قرباني ۽ پاڪستان سان پختي محبت جي گواهه رهي آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته يوم آزادي جي سلسلي ۾ پيش ڪيل خوبصورت نغمو خراجِ تحسين بلوچستان جي عوام جي حقيقي جذبي حب الوطني جي عڪاسي ڪري ٿو. مير سرفراز بگٽي چيو ته پاڪستان جي آزادي جي نعمتن ۽ خوشين کي ملهائيندي اسان کي پنهنجي انهن بزرگن ۽ شهيدن جي قربانين کي به ياد رکڻ گهرجي جن وطن جي سلامتي ۽ سربلندي لاءِ قربانيون ڏنيون. بلوچستان جي وڏي وزير پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان زنده باد جو نعرو به بلند ڪيو.

مزید خبریں