اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هنگو ۾ دهشتگردن جي خاتمي جي ڪارروائي ۾ بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ ڪيپٽن حمزه اڪرم کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر چيو ته مادِر وطن پنهنجي هڪ دلير سپوت جي قومي امن ۽ سلامتي جي دشمن ڀارتي حمايته يافته فتنه الخوارج جي ناپاڪ ارادن …
صدر پاران هنگو ۾ دهشگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ ڪيپٽن حمزه اڪرم کي خراج عقيدت پيش
اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هنگو ۾ دهشتگردن جي خاتمي جي ڪارروائي ۾ بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ ڪيپٽن حمزه اڪرم کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر چيو ته مادِر وطن پنهنجي هڪ دلير سپوت جي قومي امن ۽ سلامتي جي دشمن ڀارتي حمايته يافته فتنه الخوارج جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ تي عظيم قرباني کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. هن چيو ته سڄي قوم پنهنجي انهن بهادر سپوتن جي وطن خاطر لازوال قربانين جي مقروض آهي. صدر آصف علي زرداري ڪيپٽن حمزه اڪرم شهيد جي پونئيرن لاءِ صبر جي دعا به ڪئي.









