وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ بعد واپس وطن پهچي ويو

لاهور - 08 آگسٽ (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ واپس وطن پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سعودي عرب جي سرڪاري دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردگان مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحيون ڪيون، جنهن سان ٽنهي ملڪن …

لاهور – 08 آگسٽ (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ واپس وطن پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سعودي عرب جي سرڪاري دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردگان مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحيون ڪيون، جنهن سان ٽنهي ملڪن جي دفاعي تعاون ۽ ڀائراڻن لاڳاپن ۾ واڌارو ٿيندو. وزيراعظم دوري دوران عمري جي سعادت پڻ حاصل ڪئي ۽ مسجد نبوي ۾ روضي رسول صلي الله عليھ وسلم جن تي حاضري ڀري. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، بچاءَ وارو وفاقي وزير خواجه آصف، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص مددگار سيد طارق فاطمي سعودي عرب جي دوري دوران وزيراعظم سان گڏ هئا.