اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحي جي آجيان ڪندي ان کي علائقائي امن، اجتماعي سلامتي ۽ برادر ملڪن وچ ۾ مضبوط تعاون لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق ڇنڇر ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته هي معاهدو امن، استحڪام ۽ ڊگهي ڀائيواري جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ مسلم …
سينيٽ چيئرمين پاران مڪه گڏيل دفاعي معاهدي جي آجيان
اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحي جي آجيان ڪندي ان کي علائقائي امن، اجتماعي سلامتي ۽ برادر ملڪن وچ ۾ مضبوط تعاون لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق ڇنڇر ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته هي معاهدو امن، استحڪام ۽ ڊگهي ڀائيواري جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ مسلم دنيا ۾ اتحاد ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. هن پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي ڏور رس ۽ سفارتي ڪوششن تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته سندن لڳن پاڪستان جو عالمي مقام بلند ڪيو آهي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ پرعزم، هڪ ذميوار، امن پسند قوم طور پاڪستان جي هاڪاري سڃاڻپ کي وڌيڪ هٿي ڏني آهي. هن معاهدي جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ان تاريخي قدم کي قبول فرمائي ۽ مسلمان امت کي ڊگهي امن، سلامتي ۽ خوشحالي عطا فرمائي.









