وزيراعظم سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري مديني پاڪ کان پاڪستان روانو ٿي ويو

مدينو شريف- 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري مديني شريف کان پاڪستان لاءِ روانو ٿي ويو آهي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق مدينه ايئرپورٽ تي مديني شريف جي گورنر شهزاده سلمان بن سلطان بن عبدالعزيز آلسعود وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف، سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن …

مدينو شريف- 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري مديني شريف کان پاڪستان لاءِ روانو ٿي ويو آهي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق مدينه ايئرپورٽ تي مديني شريف جي گورنر شهزاده سلمان بن سلطان بن عبدالعزيز آلسعود وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف، سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آلسعود ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون جنهن سان ٽنهي ملڪن جي دفاعي سهڪار ۽ ڀائپي وارن ناتن ۾ نون رخن جو اضافو ٿيندو. وزيراعظم دوري دوران عمري جي سعادت پڻ حاصل ڪئي ۽ مسجد نبوي صه ۾ رسول پاڪ صه جي روضي تي پڻ حاضري ڏني. نائب وزيرا اعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊيفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، بچاءَ وارو وزير خواجه محمد آصف، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص مددگار سيد طارق فاطمي سعودي عرب جي دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ هئا.