اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مديني شريف ۾ روضه رسول صلي الله عليه وآله وسلم تي حاضري ڀري. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم، پاڪستاني وفد سان گڏ مسجد نبوي ۾ حاضري ڀري، رياض الجنه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ قوم ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ به دعا ڪئي. وزيراعظم روضه رسول صلي الله عليه وآله …
وزيراعظم جي پاڪستاني وفد سان گڏ مسجد نبوي ۾ حاضري، رياض الجنه ۾ نفل ادا ڪيا، ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي
اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مديني شريف ۾ روضه رسول صلي الله عليه وآله وسلم تي حاضري ڀري. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم، پاڪستاني وفد سان گڏ مسجد نبوي ۾ حاضري ڀري، رياض الجنه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ قوم ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ به دعا ڪئي. وزيراعظم روضه رسول صلي الله عليه وآله وسلم تي حاضري ڀري جتي کيس خاص زيارت جي سعادت حاصل ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ هئا.









