اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت ملڪ جي خدمت ۾ قربانيون، جرئت ۽ غير معمولي بهادري جي ڪارنامن جي اعتراف ۾ 78 ڄڻن کي سول ايوارڊز ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. اهو فيصلو ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ بهادري ايوارڊز بابت خاص ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. گهرو وزارت مطابق اهي ايوارڊز انهن ماڻهن لاءِ مختلف درجابندين …
شهيدن ۽ بهادرن جي اعزاز ۾ سول ايوارڊز لاءِ 78 ماڻهن جي نالن جي منظوري
اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت ملڪ جي خدمت ۾ قربانيون، جرئت ۽ غير معمولي بهادري جي ڪارنامن جي اعتراف ۾ 78 ڄڻن کي سول ايوارڊز ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. اهو فيصلو ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ بهادري ايوارڊز بابت خاص ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. گهرو وزارت مطابق اهي ايوارڊز انهن ماڻهن لاءِ مختلف درجابندين ۾ منظور ڪيا ويا، جن اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيندي غير معمولي جرئت جو مظاهرو ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته هي هڪ قومي ذميواري آهي ته ملڪ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪندڙن ۽ وطن جي خدمت ۾ غير معمولي بهادري جو مظاهرو ڪندڙن کي سڃاتو وڃي ۽ سندن حوصله افزائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ملڪ شهيدن ۽ غازين جو سندن لازوال قربانين جو مقروض آهي. هن چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون ۽ غازين جي بهادري قومي اثاثو آهن ۽ وطن سان عقيدت جي لازوال ميراث آهي. اجلاس ۾ مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري، وفاقي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي، ايڊشنل سيڪريٽري ڪابينا ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي نمائندن به وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ تجويز ڪيل ايوارڊز تي ڳالهين ۾ حصو ورتو. واضح رهي ته 78 سول ايوارڊز جي منظوري حڪومت پاران قربانين ۽ بهادري جي ڪمن ۾ باضابطا طور تسليم ڪرڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته ملڪ لاءِ غير معمولي خدمتون انجام ڏيندڙن جي خدمتن کي قومي سطح تي اعزاز سان نوازيو وڃي.









