اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مڪه گڏيل دفاعي معاهدي کي ملڪي تاريخ جو اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته مڪه گڏيل دفاعي معاهدو هڪ تاريخي اڳڀرائي آهي، ان سان اسان جون دفاعي صلاحيتون وڌيڪ مضبوط ٿينديون. پ پ پ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مڪه گڏيل دفاعي معاهدو سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه …
مڪه گڏيل دفاعي معاهدو ملڪي تاريخ جو اهم سنگ ميل آهي: بلاول ڀٽو زرداري
اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مڪه گڏيل دفاعي معاهدي کي ملڪي تاريخ جو اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته مڪه گڏيل دفاعي معاهدو هڪ تاريخي اڳڀرائي آهي، ان سان اسان جون دفاعي صلاحيتون وڌيڪ مضبوط ٿينديون. پ پ پ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مڪه گڏيل دفاعي معاهدو سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه جي مستحڪم ۽ محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي. هن مڪه دفاعي معاهدي کي ممڪن بڻائڻ ۾ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته مڪه گڏيل دفاعي معاهدو خطي ۽ عالمي امن لاءِ هڪ تاريخي دستاويز آهي.









