اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر طفيل محمد شهيد، نشان حيدر کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري لازوال تاريخ رقم ڪئي، قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي. ڇنڇر ڏينهن ميجر طفيل محمد شهيد، نشان حيدر جي 68 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم …
ميجر طفيل محمد وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري لازوال تاريخ رقم ڪئي، قوم شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر طفيل محمد شهيد، نشان حيدر کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري لازوال تاريخ رقم ڪئي، قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي. ڇنڇر ڏينهن ميجر طفيل محمد شهيد، نشان حيدر جي 68 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ميجر طفيل محمد شهيد پنهنجي جان جون نذرانو پيش ڪري وطن جي دفاع جي تاريخ ۾ هڪ لازوال باب رقم ڪيو. ميجر طفيل محمد شهيد جي قرباني ۽ بهادري پوري قوم لاءِ فخر جو سبب ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ روشن مثال جي حيثيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان جا اهي بهادر سپوت آزادي، خودمختياري ۽ قومي سلامتي جا مضبوط محافظ آهن. وزيراعظم چيو ته ميجر طفيل محمد شهيد جي جرئت ۽ بهادري، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي عزم، پيشيوراڻي مهارت ۽ وطن جي پختي وابستگي جي علامت آهي، قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي.










