راولپنڊي- 08 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڀارتي پراڪسي، فتنه اوخوارج سان تعلق رلکندڙ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي 7 آگسٽ 2026ع تي هنگو ضلعي ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان ڇنڇر ڏينهن جاري پريس رليز موجب آپريشن دوران پاڪ فوج جي هٿياربند جٿن خوارج جي ٺڪاڻي تي موثر انداز ۾ وار ڪيو. مايوسي واري ڪيفيت ۾ خوارج عبادتگاه جي تقدسد کي نظرانداز …
سيڪيورٽي فورسز جو ڀارتي پراڪسي، فتنه اوخوارج سان تعلق رکندڙ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي هنگو ضلعي ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن، 7 خوارج جهنم ڀيڙا ٿي ويا: آءِ ايس پي آر
راولپنڊي- 08 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڀارتي پراڪسي، فتنه اوخوارج سان تعلق رلکندڙ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي 7 آگسٽ 2026ع تي هنگو ضلعي ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان ڇنڇر ڏينهن جاري پريس رليز موجب آپريشن دوران پاڪ فوج جي هٿياربند جٿن خوارج جي ٺڪاڻي تي موثر انداز ۾ وار ڪيو. مايوسي واري ڪيفيت ۾ خوارج عبادتگاه جي تقدسد کي نظرانداز ڪندي هڪ مسجد اندر پناهه ورتي. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارت جي زير اهتمام فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 7 خارجين کي جهن ڀيڙو ڪيو ويو، جڏهن ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران نارووال سان تعلق رکندڙ 27 ساله هڪ بهادر آفيسر ڪيپٽن حمزه اڪرم جيڪو فرنٽ کان پنهنجي فوج جي قيادت ۽ خوارج جو لاڳيتو پيڇو ڪري رهيو هو، بهادريءَ سان وڙهندي پنهنجي جان جي قرباني ڏيندي شهادت جو رتبو حاصل ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل خارجين وٽان اسلحو ۽ گولابارود پڻ برآمد ڪيو ويو آهي، خوارج سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين سان گڏوگڏ بيگناهه شهرين جي قتل ۾ پڻ سرگرم رهيا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي ڀارتي اسپانسرڊ خارجي کي ختم ڪرڻ کي سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ويزن ”عزم استحڪام“ تحت دهشگردي جي روڪٿام واري مسلسل مهم پوري رفتار سان جاري رهندي ته جيئن دهشتگردي جو خاتمو آڻي سگهجي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اسان جي بهادر جوانن جون قربانيون، هر قيمت تي پنهنجي قوم جي تحفظ لاءِ اسان جي پختي عزم کي وڌيڪ هٿي ڏين ٿيون.










