سنگاپور- 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هاءِ ڪميشن سنگاپور پاڪستان ۽ سنگاپور وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 60 سال مڪمل ٿيڻ جي تقريبن جي سلسلي ۾ پاڪستاني امبن جي نمائش لاءِ مينگو فيسٽيول منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ سنگاپور جي پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير ذوالڪرنين عبدالرحيم خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. فيسٽيول ۾ حڪومتي عهديدارن، ڪاروباري برادري، سفارتڪارن، ميڊيا نمائندن ۽ پاڪستاني ۽ سنگاپور جي ڪميونٽي جي ماڻهن …
پاڪ سنگاپور سفارتي لاڳاپن جي 60 هين سالگره تي هاءِ ڪميشن ۾ مينگو فيسٽيول منعقد
سنگاپور- 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هاءِ ڪميشن سنگاپور پاڪستان ۽ سنگاپور وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 60 سال مڪمل ٿيڻ جي تقريبن جي سلسلي ۾ پاڪستاني امبن جي نمائش لاءِ مينگو فيسٽيول منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ سنگاپور جي پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير ذوالڪرنين عبدالرحيم خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. فيسٽيول ۾ حڪومتي عهديدارن، ڪاروباري برادري، سفارتڪارن، ميڊيا نمائندن ۽ پاڪستاني ۽ سنگاپور جي ڪميونٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي. فيسٽيول ۾ پاڪستان يج اعليٰ معيار جي انبن جا مختلف قسم، خاص طور تي چونسو ۽ سيسيشن پيش ڪيا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي سنگاپور ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق چيو ته پاڪستاني انب ذائقي جي اعتبار سان پنهنجي مثال پاڻ آهن. هن چيو ته پاڪستان هاءِ ڪميشن اهڙن پروگرامن ذريعي سنگاپور جي عوام کي پاڪستان جي ثقافتي واڌ ويجهه، روايتي مهمان نوازي ۽ قومي خصوصيت سان متعارف ڪرائڻ سان گڏو گڏ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. تقريب دوران سلام پاڪستان جي عنوان سان هڪ مختصر ويڊيو به ڏيکاري وئي، جنهن ۾ پاڪستان جي خوبصورت منظرن، سياحتي هنڌن ۽ ڀرپور ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب به منعقد ٿي. تقريب پاڪستان ۽ سنگاپور وچ ۾ ڇهن ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي لاڳاپن جي بنياد تي قائم پراڻي دوستي، شراڪتداري ۽ گڏيل سهڪار کي به اجاگر ڪيو.










