اي اين ايف جي منشيات اسمگلنگ خلاف ڪارروائيون، 2 جوابدار گرفتار

اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 2 ڪروڙ 5 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 187 ڪلوگرام چرس، آفيم هٿڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف جي ترجمان پاران جاري بيان مطابق ڪارروائين ۾ ڪلي ساغر روڊ لورالائي ويجهو ٽرڪ مان 28.8 ڪلو چرس هٿ ڪري جوابدار ڪري ورتو. …

اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 2 ڪروڙ 5 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 187 ڪلوگرام چرس، آفيم هٿڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف جي ترجمان پاران جاري بيان مطابق ڪارروائين ۾ ڪلي ساغر روڊ لورالائي ويجهو ٽرڪ مان 28.8 ڪلو چرس هٿ ڪري جوابدار ڪري ورتو. جي ٽي روڊ راولپنڊي تي اسپتال ويجهو رڪشا مان 10.8 ڪلو چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. دالبندين ڊسٽرڪٽ چاغي ۾ گاڏي مان 145 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو ويو. ڪيمپ پشاور ڪوريئر آفيس ۾ پارسل ۾ چلهي ۾ لڪايل 2.4 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. ڪارروائين جو منشيات روڪٿام ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي.