اسلام آ باد- 08 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير شزه فاطمه خواجا ميجر طفيل محمد شهيد، نشان حيدر جي 68 هين ورسي جي موقعي تي شهيد سپاهي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر طفيل محمد شهيد جان جو نذرانو پيش ڪري وطن جي دفاع جي تاريخ ۾ لازوال باب رقم ڪيو آهي. ڇنڇر تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ميجر طفيل محمد شهيد …
وفاقي وزير شزه فاطمه خواجا پاران ميجر طفيل محمد شهيد، نشان حيدر کي 68 هين ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش
اسلام آ باد- 08 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير شزه فاطمه خواجا ميجر طفيل محمد شهيد، نشان حيدر جي 68 هين ورسي جي موقعي تي شهيد سپاهي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر طفيل محمد شهيد جان جو نذرانو پيش ڪري وطن جي دفاع جي تاريخ ۾ لازوال باب رقم ڪيو آهي. ڇنڇر تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ميجر طفيل محمد شهيد جي قرباني ۽ بهادري پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ايندڙ نسلن لاءِ روشن مثال ۽ مشعل راهه آهن. هن چيو ته اسان جا عظيم سپوت آزادي، خودمختياري ۽ قومي سلامتي جا مضبوط محافظ آهن. هن چيو ته ميجر طفيل محمد شهيد جي جرئت پاڪ فوج جي پيشوراڻي مهارت ۽ وطن سان وابستگي جي علامت آهي. قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.










