اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 44 ھزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 14 ھزار 400 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 43 هزار 900 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 2 لک 50 هزار 300 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 38 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري
اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 44 ھزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 14 ھزار 400 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 43 هزار 900 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 2 لک 50 هزار 300 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 38 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 66 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 45 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1548 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.465 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1205.20 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.572 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.










