گڏيل قومون- 08 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته ٻن ڏينهن تائين اسرائيلي حملن ۾ اضافي کانپوءِ جمعي تي ڏکڻ لبنان ۾ فوجي سرگرميون گهٽ ٿيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي نائب ترجمان فرحان حق پنهنجي بيان ۾ چيو ته لبنان ۾ گڏيل قومن جي امن فوج (يونيفل) ان کان اڳ خميس ڏينهن اسرائيلي فوج طرفان فائر ڪيل 129 ميزائل رڪارڊ ڪيا، جيڪو جون …
ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۾ گهٽتائي ٿي آهي: گڏيل قومون
گڏيل قومون- 08 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته ٻن ڏينهن تائين اسرائيلي حملن ۾ اضافي کانپوءِ جمعي تي ڏکڻ لبنان ۾ فوجي سرگرميون گهٽ ٿيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي نائب ترجمان فرحان حق پنهنجي بيان ۾ چيو ته لبنان ۾ گڏيل قومن جي امن فوج (يونيفل) ان کان اڳ خميس ڏينهن اسرائيلي فوج طرفان فائر ڪيل 129 ميزائل رڪارڊ ڪيا، جيڪو جون جي آخر کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ آهي. سندس مطابق وڌيڪ حملا المنصوري جي علائقي ۾ ٿيا ۽ اهي حملا اهڙي وقت ۾ ٿيا جڏهن ان هفتي هڪ واقعي ۾ 2 اسرائيل فوجي مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا. يونيفل چيو ته رات جي وقت وڌيڪ فائرنگ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڏينهن جي وقت ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڪو حملو نه ڏٺو ويو. فرحان حق ان کي فوجي سرگرمين ۾ نمايان گهٽتائي قرار ڏنو. يونيفل اسرائيل تي لبناني فضائي حدن جي ڀڃڪڙين جو به الزام لڳايو آهي.










