يمن جي صوبي مارب ۾ حوثي حملا، 10 ڄڻا مارجي ويا

صنعا- 08 آگسٽ (اي پي پي) يمن جي تيل سان مالامال صوبي مارب ۾ حوثي باغين جي حملن ۾ اضافي کانپوءِ 10 ڄڻا مارجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق حوثين جي تازن حملن ۾ سرڪاري فورسز جا 8 اهلڪار فوت ۽ 12 زخمي ٿيا. يمن جي صحت واري وزير مطابق مارب شهر ۾ رهائشي علائقن ۽ پناهگيرن جي ڪيمپن تي بمباري جي نتيجي ۾ 2 شهري فوت ۽ 14 زخمي …

صنعا- 08 آگسٽ (اي پي پي) يمن جي تيل سان مالامال صوبي مارب ۾ حوثي باغين جي حملن ۾ اضافي کانپوءِ 10 ڄڻا مارجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق حوثين جي تازن حملن ۾ سرڪاري فورسز جا 8 اهلڪار فوت ۽ 12 زخمي ٿيا. يمن جي صحت واري وزير مطابق مارب شهر ۾ رهائشي علائقن ۽ پناهگيرن جي ڪيمپن تي بمباري جي نتيجي ۾ 2 شهري فوت ۽ 14 زخمي ٿيا آهن. حوثي باغين جو چوڻ آهي ته هنن مارب صوبي ۾ سرڪاري فوج جي هڪ ڪيمپ کي نشانو بڻايو آهي. اهي حملا ان واقعي کانپوءِ ٿيا، جڏهن مارب ۾ حوثين جي ميزائل حملن ۾ سرڪاري فورسز جا 58 اهلڪار فوت ٿيا هئا. ايران جي حمايت يافته حوثين ۽ سعودي حمايت يافته يمني حڪومت وچ ۾ 2022ع ۾ ٿيل جنگ بندي گذريل مهيني ختم ٿي هئي. يمن لاءِ گڏيل قومن جي خاص نمائندي هانس گرنڊبرگ خبردار ڪيو آهي ته ملڪ کي اپريل 2022ع ۾ جنگ بندي کانپوءِ ڪنهن به وقت مقابلي ۾ هاڻي ٻيهر وڏي پيماني تي جنگ شروع ٿيڻ جو وڌيڪ خطرو آهي.