صدر آصف علي زرداري پاران تاريخي مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن جي آجيان

اسلام آباد - 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تاريخي مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪندي ان کي خطي ۽ ان کان ٻاهر امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ صدر چيو ته اهو تاريخي معاهدو گڏيل دفاعي صلاحيت کي مضبوط بڻائي ٿو، دفاعي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪري ٿو ۽ …

اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تاريخي مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪندي ان کي خطي ۽ ان کان ٻاهر امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ صدر چيو ته اهو تاريخي معاهدو گڏيل دفاعي صلاحيت کي مضبوط بڻائي ٿو، دفاعي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪري ٿو ۽ ٽنهي ڀائر ملڪن جي محفوظ ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ گڏيل عزم جي توثيق ڪري ٿو. صدر ان اهم قدم کي اڳتي وڌائڻ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته اهو قدم ڀائراڻي لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جي پراڻي رشتن تي قائم آهي. صدر دعا ڪئي ته الله تعالى ان تاريخي معاهدي کي بابرڪت بڻائي ۽ پوري مسلمان امت کي پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي عطا فرمائي.