پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدو، ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون جي سمورن شعبن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو: وزيراعظم آفيس پڌرائي

مڪه مڪرمه - 07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدو طئي ٿي ويو آهي جنهن تحت  ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون جي سمورن شعبن کي وڌيڪ سگهه ڏيندي مضبوط بڻايو ويندو ۽ ٽنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ جي خلاف ڪو به هٿياربند حملو ٽنهي ملڪن جي خلاف حملو تصور ڪيو ويندو. ان تاريخي معاهدي تي جمعي ڏينهن سعودي عرب …

مڪه مڪرمه – 07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدو طئي ٿي ويو آهي جنهن تحت  ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون جي سمورن شعبن کي وڌيڪ سگهه ڏيندي مضبوط بڻايو ويندو ۽ ٽنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ جي خلاف ڪو به هٿياربند حملو ٽنهي ملڪن جي خلاف حملو تصور ڪيو ويندو. ان تاريخي معاهدي تي جمعي ڏينهن سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف مڪه مڪرمه ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس جي موقعي تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي ڏينهن جاري بيان موجب ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دفاع جي لاءِ مڪه المڪرمه ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس جي لاءِ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي دعوت تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو دورو ڪيو. ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جمهوريه ترڪيه جي صدر ۽ پاڪستان جي وزيراعظم جو مڪه المڪرمه جي قصر الصفا ۾ استقبال ڪيو جتي گڏيل دفاع جي لاءِ مڪه المڪرمه سربراهي اجلاس ٿيو. اجلاس دوران سعودي عرب، جمهوريه ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ قائم پراڻي لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي تاريخي لاڳاپن، ڀائيچاري ۽ اسلامي يڪجهتي جي پائيدار رشتن، گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن ۽ دفاعي شعبي ۾ ڊگهي عرصي کان جاري تعاون جي روشني ۾ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون. بيان موجب اهو معاهدو ٽنهي ملڪن پاران پنهنجي گڏيل سلامتي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ خطي سميت سڄي دنيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته جيئن هڪ محفوظ ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي جو مقصد ڪنهن به جارحيت جي خلاف گڏيل دفاع کي مضبوط بڻائڻ آهي. معاهدي ۾ اهو واضح طور تي طئي ڪيو ويو آهي ته ٽنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ جي خلاف ڪو به هٿياربند حملو ٽنهي ملڪن جي خلاف حملو تصور ڪيو ويندو. وڌيڪ اهو ته معاهدو ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون جي سمورن شعبن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي پڻ ضمانت ڏي ٿو.