خيبرپختونخوا ۾ ٻن مختلف ڪارروائين دوران فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 10 خوارج مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي- 07 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا صوبي ۾ ٻن مختلف ڪارروائين دوران ڀارت جي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 10 خوارج ماري ڇڏيا. جمعي تي پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان مطابق پهرين ڪارروائي ۾ ڀارتي پراڪسي سان تعلق رکندڙ خوارج جي هڪ گروپ ڏکڻ وزيرستان ضلعي جي علائقي اعظم ورسڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽن تي حملي جي …

راولپنڊي- 07 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا صوبي ۾ ٻن مختلف ڪارروائين دوران ڀارت جي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 10 خوارج ماري ڇڏيا. جمعي تي پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان مطابق پهرين ڪارروائي ۾ ڀارتي پراڪسي سان تعلق رکندڙ خوارج جي هڪ گروپ ڏکڻ وزيرستان ضلعي جي علائقي اعظم ورسڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽن تي حملي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ذريعي ناڪام بڻائي ڇڏيو. بعد ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي درست ۽ اثرائتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 8 خوارج جهنم ڀيڙو ڪيا ويا. ٻي ڪارروائي دير ضلعي ۾ ڪئي وئي، جتي سيڪيورٽي فورسز وڌيڪ ٻن خوارج کي ماري ڇڏيو. مارجي ويل ڀارت جي حمايت يافته خوارج جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو. اهي عنصر علائقي ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ سرگرم رهيا هئا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به امڪاني خارجي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس ۽ سينيٽائزيشن آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا نيشنل ايڪشن پلان جي منظور ٿيل عزم ۽ استحڪام تحت ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجي دهشتگردي جي خاتمي واري مهم پوري قوت سان جاري رکندا.