اسلام آباد- 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطن ۽ سياسي ۽ پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ خميس ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …
وزيراعظم پاران چين سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد- 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطن ۽ سياسي ۽ پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ خميس ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيني سفير وزيراعظم کي چين جي صدر شي جن پنگ جو هڪ خط پيش ڪيو جنهن ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي قيام جي 105هين سالگرهه جي موقعي تي وزيراعظم پاڪستان جي خط تي ٿورن جو اظهار ڪيو ويو هو. ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چين سان “آل ويدر اسٽريٽجڪ حصيداري” کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عوامي سطح تي رابطن سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي سياسي پارٽين ۽ پارليامينٽن جي وچ ۾ مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ گڏيل تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.









