اسلام آباد - 06 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته آبنائي هرمز ۾ جاري تعطل جو خاتمو نار ۽ وچ اوڀر خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وسيع تر تڪرار جي حل لاءِ انتهائي اهم آهي، پاڪستان پاران علائقائي بحران جي جامع، منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ ڪئي ويندڙ سمورين مخلصاڻي سفارتي ڪوششن جي حمايت جاري رکي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس …
آبنائي هرمز ۾ جاري تعطل جو خاتمو نار ۽ وچ اوڀر خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وسيع تر تڪرار جي حل لاءِ انتهائي اهم آهي: پاڪستان

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته آبنائي هرمز ۾ جاري تعطل جو خاتمو نار ۽ وچ اوڀر خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وسيع تر تڪرار جي حل لاءِ انتهائي اهم آهي، پاڪستان پاران علائقائي بحران جي جامع، منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ ڪئي ويندڙ سمورين مخلصاڻي سفارتي ڪوششن جي حمايت جاري رکي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي خميس ڏينهن هتي پريس بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ڀائر ملڪن سان سرگرم سفارتي رابطا جاري رکيا آهن. هن چيو ته آبنائي هرمز جي معاملي ۾ اڳڀرائي وسيع تر علائقائي ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪندي جنهن سان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻيهر ڳالهه ٻولهه جي راهه پڻ هموار ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان سفارتي رابطن کي وڌيڪ فعال انداز ۾ جاري رکندو ۽ بحران جي حل لاءِ سمورن مخلصاڻي قدمن جي حمايت ڪندو ڇو ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو واحد قابل عمل رستو سفارتڪاري ئي آهي. ترجمان چيو ته عمان سدائين خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان عمان جي اڻٿڪ خدمتن ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ جي لاءِ ان جي مستقل ڪوششن کي تسليمڪ ري ٿو ۽ انهن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته آبنائي هرمز ۾ جاري تعطل نار جي بحران جي پائيدار حل جي ڪوششن کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته آبنائي هرمز جي معاملي تي ڪنهن به بامعنى اڳڀرائي سان ڌرين جي لاءِ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ۽ پاڪستان – قطر گڏيل پڌرنامي ۾ تصور ڪيل ڳالهه ٻولهه واري فريم ورڪ طرف واپسي جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿيندو. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته آبنائي هرمز بابت ڪنهن معاهدي سان مسلسل ڳالهه ٻولهه جي راهه هموار ٿيندي خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي ڳالهه ٻولهه جي بحالي ممڪن ٿي سگهندي. ترجمان چيو ته گذريل هفتي دوران پاڪستان جون سفارتي سرگرميون علائقائي استحڪام ۽ ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي لاءِ ان جي عزم جي عڪاس آهن. هن چيو ته نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار 30 جولاءِ تي سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ڳاڙهي سمنڊ، باب المندب ۽ فلسطين سميت علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته 3 آگسٽ تي نائب وزيراعظم ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن والاريل اوڀر بيت المقدس جي خراب ٿيندڙ صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته پاڪستان ايراني پرڏيهي وزير کي اسلام آباد جي سرڪاري دوري جي دعوت پڻ ڏني. طاهر حسين اندرابي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 6 کان 8 آگسٽ تائين سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي آهي جتي ساڻس گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ ٻين وفاقي وزيرن تي ٻڌل اعلى سطحي وفد پڻ آهي. هن چيو ته دوري دوران وزيراعظم سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آلسعود سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ترجمان چيو ته جيتوڻيڪ اهو دورو نار جي خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ ٿي رهيو آهي تنهن هوندي به ان جي اهميت فوري بحران کان تمام گهڻي وڌيڪ آهي، دوري سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، اسٽريٽجڪ تعاون کي سگهه ملندي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هم آهنگي وڌندي ۽ گهڻ رخي تعاون کي هٿي ملندي. هن نائب وزيراعظم جي 5 آگسٽ تي عمان ۾ منعقد والاريل بيت المقدس بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جو پڻ ذڪر ڪيو جتي پاڪستان فلسطيني عوام جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل آزاد، خودمختيار ۽ جاگرافيائي طور تي متصل فلسيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن چيو ته ڪانفرنس جي موقعي تي مصر، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن پڻ ملاقات ڪئي ۽ فلسطيني عوام جي فتح نه ٿيڻ جي حق جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي علائقائي امن، سلامتي، استحڪام ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي فروغ جي لاءِ مسلسل مشاورت ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. باب المندب تان گذرندڙ واپاري جهازن تي حملن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان سدائين انهن حملن جي مذمت ڪئي آهي. افغانستان بابت سوال تي ترجمان چيو ته پاڪستان افغان عملدارن کي ڪيترائي ڀيرا پنهنجي سنگين ڳڻتي کان آگاهه ڪري چڪو آهي ته دهشتگرد گروهه افغان سرزمين استعمال ڪندي پاڪستان جي اندر حملا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان مسلسل افغان حڪومت تي زور ڀريندو رهيو آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ان جي سرزمين ڪنهن به ٻئي ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿئي. ڄمون ۽ ڪشمير بابت هڪ سوال تي ترجمان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي جاري چونڊن تي ڀارت جي بيانن کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته چونڊون آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني ۽ قانوني فريم ورڪ موجب پرامن، شفاف ۽ منظم انداز ۾ منعقد ٿي رهيون آهن. هن پاڪستان جي ان موقف جو ورجاءُ ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، جنهن جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ٿيڻ گهرجي. بنگلاديش بابت سوال تي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڍاڪا جي وچ ۾ سفارتي رابطا معمول جي سفارتي ذريعن سان جاري آهن ۽ ڪنهن هڪ واقعي تائين محدود نه آهن. هن چيو ته پاڪستان ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ٿو ڪري، ان لاءِ بنگلاديش جي تازي صورتحال تي ان جو ڪو تبصرو نه آهي. ڀارت جي هڪ بيان جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اهو معاملو نئين دهلي ۽ ڍاڪا جي وچ ۾ آهي جڏهن ته بنگلاديش جي عوام پنهنجا مسئلا ٻاهرئين مداخلت کانسواءِ پاڻ حل ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته پاڪستان بنگلاديش جي خودمختيار فيصلن جو احترام ڪري ٿو ۽ گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان سان تعاون جاري رکندو.









