گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ آبادي جي تناسب ۾ تبديلين جي قدمن جو نوٽيس وٺي: پاڪستان

گڏيل قومون - 06  آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ آبادي جي تناسب ۾ تبديلين جي قدمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت تي زور ڀري ته هو 5 آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا قدم واپس وٺي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سلامتي ڪائونسل …

گڏيل قومون – 06  آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ آبادي جي تناسب ۾ تبديلين جي قدمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت تي زور ڀري ته هو 5 آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا قدم واپس وٺي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سلامتي ڪائونسل جي موجوده صدر ۽ ڊينمارڪ جي مستقل نمائندي سفير ڪرسٽينا مارڪس لاسن جي نالي هڪ خط موڪليو، جيڪو گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد ڪائونسل جي صدر جي حوالي ڪيو. نائب وزيراعظم جي خطي ۾ ڪائونسل جو ڌيان ڊوميسائيل قانونن، زمين جي ملڪيت جي ضابطن، چونڊ انتظامن ۽ انتظامي ڍانچي ۾ تبديلين جي ذريعي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي، سياسي ۽ ثقافتي ڪردار کي تبديل ڪرڻ جي ڀارت جي مسلسل ڪوششن طرفن ڌيان ڇڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ اٽڪل 3.4 ملين غيرمقيم ماڻهن کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ پڻ شامل آهي. خط ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل خراب ٿيندڙ صورتحال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ حراستن، عدالت کان مٿانهين قتل، جبري گمشدگين، تشدد، اظهار راءِ جي آزادي تي پابندين ۽ پرامن ميڙ جي ۽ ٻين سخت قانونن بشمول پبلڪ سيفٽي ايڪٽ، هٿياربند فوج جي ايڪٽ (پي ايس اي) اسپيشل پاور ايڪٽ، روڪٿام ايڪٽ (يو اي پي اي) طرف اشارو ڪيو ويو آهي. خط ۾ ڪشميري سياسي اڳواڻن بشمول شبير احمد شاهه، ياسين ملڪ ۽ آسيه اندرابي سان گڏوگڏ صحافين، وڪيلن، انساني حقن جي محافطن ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن جي مسلسل نظربندي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ طرف پڻ ڌيان ڇڪرايو ويو آهي. ان ۾ ڪشميري عوام جي امنگن جي نمائندگي ڪندڙ 16 سياسي تنظيمن تي مسلسل پابندين کي وڌيڪ نوٽ ڪيو ويو آهي. خط ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مذهبي آزادي تي پابندين بابت پڻ سنگين ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي جن ۾ سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۾ باجماعت نماز تي پابندي، مذهبي ادارن جي نگراني ۾ اضافو، مدرسن جي بندش ۽ ضابطا، ڪميونٽي جي انتظام هيٺ 215 اسڪولن تي قبضو ۽ وقف ايڪٽ جي لاڳو سان پيدا ٿيندڙ خدشا شامل آهن. علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ڀارتي ڪارروائي جي هاڃن کي نوٽ ڪندي نائب وزيراعظم خبردار ڪيو ته ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 7 کان 9 لک سيڪيورٽي اهلڪارن جي مقرري، سخت بيانن ۽ سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڀارتي فيصلي ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ ۽ امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرن ۾ اضافوڪيو آهي. خط ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اها ڄمون ۽ ڪشمير بابت پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ جي لاءِ ڀارت تي زور ڀري ته هو 5 آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا قدم واپس وٺي، والاريل علائقي جي حيثيت ۽ آبادياتي ساخت کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم بند ڪري، ڪشميري عوام جي انساني حقن جو احترام ڪري ۽ حقيقي امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي عمل ۾ شامل ٿئي. نائب وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي پڻ زور ڀريو ته هو ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي، پرامن ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي سٺي آفيسن کي فعال طور تي استعمال ڪري، ان ڳالهه تي زور ڏيندي حل نه ٿيندڙ تڪرار علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهي. خط ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجا اختيار استعمال ۾ آڻيندي ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي، پرامن ۽ پائيدار حل جي لاءِ ڪردار ادا ڪري، ڇو ته پاڪستان موجب اهو تڪرار خطي ۽ عالمي امن ۽  سلامتي جي لاءِ بدستور هڪ اهم چئلينج آهي.

مزید خبریں